ايشيا ڪپ ۾ ملائيشيا سپر فورم مرحلي ۾ پاڪستان کي 2-3 تان شڪست ڏئي ڇڏي

ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) هيرو ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي ۾ ملائيشيا پاڪستان کي 2 جي مقابلي ۾ 3 گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. بنگلاديش جي شهر ڍاڪا جي مولانا ڀاشاني نيشنل هاڪي اسٽيڊيم ۾ ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي لاءِ پاڪستان ۽ ملائيشيا جي ٽيمن وچ ۾ مقابلو ٿيو. پاڪستان طرفان عمر ڀٽا ميچ جي پهرين منٽ ۾ ئي گول ڪري مخالف ٽيم تي 0-1 جي سرسي حاصل ڪئي. راند جي پهرين ئي ڪوارٽر ۾ ٻنهي طرفان کان هڪ ٻئي جي گول پوسٽ تي حملا ڪيا ويا ۽ پاڪستان طرفان اظفر يعقوب هڪ ٻيو گول ڪري ملائيشيا تي 0-2 جي سرسي حاصل ڪري ورتي. پهرين ڪوارٽر جي پڄاڻي کان پهريان ملائيشيا هڪ ٻئي پٺيان ٻه گول ڪري پاڪستان خلاف 2-2 تان اسڪور برابر ڪري ڇڏيو. راند جي ٻئي ڪوارٽر جي شروع جي ڪجهه منٽن ۾ ملائيشيا هڪ ٻيو گول ڪري پاڪستان مٿان 3-2 تان سرسي حاصل ڪئي جيڪا راند جي آخر تائين برقرار رهي. ملائيشيا طرفان رضي رحيم، شاهرل صباح ۽ فطري ساري هڪ هڪ گول ڪيو. پاڪستان سپر فورم مرح:ي جي ٻي ميچ اڄ ڏکڻ ڪوريا خلاف کيڏندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *