هاشم آملا ۽ ڊي ويليئرز جي پارٽنر شپ ۾ ٻارهين سينچري، رڪارڊ قائم

پارل (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريقن بيٽسمين هاشم آملا ۽ اي بي ڊي ويليئرز ون ڊي انٽرنيشنل ميچز ۾ پارٽنرشپ ۾ ٻارهين سينچري ٺاهي نئون ملڪي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي، ٻنهي بيٽسمينن بنگلاديش خلاف ٻي ون ڊي ميچ ۾ ٽئين وڪيٽ تي 136 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ڪري ڪارنامو انجام ڏنو، اها پارٽنرشپ ٻنهي رانديگرن جي ون ڊي ميچ جي ٻارهين سينچري آهي، ان سان گڏ ئي پروٽيز طرفان هرشل گبز ۽ گريم سمٿ جي پارٽنرشپ ۾ وڌيڪ سينچرين جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، ٻنهي بيٽسمينن پارٽنرشپ ۾ يارهن سينچريون ٺاهيون هيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *