ارشد وارثي بگ باس پروگرام کي تنقيد جو نشانوبڻايو

ممبئي (شوبز نيوز) باليوڊ جي مزاحيا اداڪار ارشد وارـثي چيو آهي ته ته بگ باس جي انتظاميا شو جي ريٽنگ جا سٺا طريقا استعمال ڪري رهي  آهي ۽ سستي شهريت کي بيوقوف ماڻهن کي پروگرام ۾ آندو پيو وڃي. ڀارت جي ريئلٽي شو کي بگ باس کي سڀ کان وڌيڪ تقراري ريئلٽي شو تصور ڪيو وڃي ٿو ۽ اهو صرف ريٽنگ جي لاءِ ڪيو پيو   وڃي. پر اهو سڀ سمجھڻ جي باوجود ڪوئي به ان حوالي سان ڳالهه نه ٿو ڪري ۽ ان جو سڀ کان وڏو سبب باليوڊ جو اداڪار سلمان خان اهي ڇو ته انڊسٽري ۾ رهندي به ان سان منهن ماري نه ٿي  ڪري سگھجي. پر اداڪار ارشد وارثي آخرڪار بگ باس 11 جي حوالي سان پنهنجي زبان کولي ڇڏي. ڀارتي ميڊيا  رپورٽ موجب 2006 ۾ بگ باس جي پهرين شو جي ميزباني ڪندڙ باليوڊ جي مزاحيه فنڪار ارشد وارثي بگ باس جي انتظآميا کي بزنس مين قرار ڏيندي چيو ته هو سٺن طريقن کي استعمال جي ذريعي صرف  پيسو بڻائي رهيا آهن ۽ سستي شهريت لاءَ بيوقوف ماڻهن کي پروگرام ۾ شامل ڪيو پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *