پاناما  ڪيس بابت نيب کي فيصلو وقت تي ڏيڻ گهرجي: خورشيد شاهه

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته نواز شريف پنهنجي عقلمندي سبب اڄ اهڙا ڏينهن ڏسي رهيو آهي، نيب کي پنهنجو فيصلو وقت تي ڏيڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته سپريم ڪورٽ پاڻ نيب جي نگراني ڪري رهي آهي، نيب چيئرمين جي مقرري آڪٽوبر ۾ مڪمل ٿيڻ گهرجي، مان مخالف ڌر اڳواڻ طور بهتر ۽ اڻ تڪراري شخص جي ڳولا ۾ آهيان. هن چيو ته نيب چيئرمين جي چونڊ تمام گهڻي ذميواريءَ جو ڪم آهي، جڏهن ته حالتون ڏسي فيصلا ڪرڻا پوندا آهن. سندس چوڻ هو ته ڪنٽينر وقت چيو ويندو هو ته اسيمبلي کي نه ٿا مڃون ان کي ختم ڪرڻ گهرجي، جڏهن پارليامينٽ کي خطرو هو ته پ پ نظام بچائڻ لاءِ ميدان تي لٿي، نواز شريف تنهن وقت عدليه سان گڏ هلي رهيو هو. خورشيد شاهه چيو ته پ پ پهريون ئي چوندي هئي ته عدليه جو فيصلو قبول ڪرڻ گهرجي، هنن ڪڏهن به عدليه تي حملو نه ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *