ايران ايٽم بم نه ٺاهيندو. ايران ۽ 6 عالمي طاقتن ۾ تاريخي معاهدو ٿي ويو

ويانا(اي پي پي) آمريڪا سميت عالمي طاقتن ۽ ايران وچ ۾ ايران جي ايٽمي پروگرام بابت جاري ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن ۽ ڌرين وچ ۾ تاريخي ٺاهه ٿي ويو آهي جنهن تحت ايران ايٽم بم نه ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته اولهه جي ملڪن طرفان ايران مٿان آمريڪا، يورپي يونين ۽ گڏيل قومن طرفان لڳايل معاشي پابنديون هٽائڻ تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته ايران تي گڏيل قومن طرفان هٿيارن جون لڳايل پابنديون اڃا 5 سالن تائين برقرار رهندون. ايران سينٽري فيوجز 2 ڀاڱي 3 سيڪڙو گهٽائڻ تي راضي ٿي ويو آهي. آسٽريا جي گادي واري هنڌ ويانا ۾ آمريڪا ۽ يورپي يونين ايران سان ٿيل معاهدي کي تاريخي قرار ڏنو آهي جڏهن ته ايران جي مخالف ملڪ اسرائيل انمعاهدي کي ”تاريخي غلطي“ جو نالو ڏنو آهي. آمريڪي صدر بارڪ اوبامه چيو آهي ته ايران سان ايٽمي معاهدي سان ايران طرفان ايٽم بم ٺاهڻ جي هر رستي کي بند ڪيو ويو آهي. آمريڪي صدر بارڪ اوبامه نائب صدر جوزف بائيڊن سان گڏ قوم کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ايران سان معاهدي مان ثابت ٿي ويو آهي ته آمريڪا جي سفارتڪاري جي ذريعي حقيقي ۽ بامقصد تبديلي آڻي سگهي ٿي. هن چيو ته ان معاهدي سان مختلف رخ طرف وڌڻ جو موقعو مليو آهي ۽ اسان کي ان موقعي مان فائدو وٺڻو آهي. آمريڪي صدر بارڪ اوبامه ايران ۽ آمريڪا، روس، چين، برطانيا، فرانس ۽ جرمني وچ ۾ ٿيل معاهدي جي راهه ۾ ايندڙ ڪانگريسي ڪوششن کي روڪڻ لاءِ ويٽو ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ايران جي سرڪاري ٽيليويزن ايران ۽ عالمي طاقتن وچ ۾ ٿيل ايٽمي معاهدي بعد آمريڪي صدر جي قوم کي ڪيل خطاب سڌي ريت نشر ڪيو ۽ 1979ع جي ايران ۾ آيل انقلاب بعد ٻيو دفعو آهي جو آمريڪي صدر جو ايراني سرڪاري ٽيليويزن تي سڌي ريت خطاب نشر ڪيو ويو آهي. ايراني صدر حسن روحاني قوم کي خطاب ڪندي چيو آهي ته الله تعليٰ قوم جون دعائون قبول ڪري ورتيون آهن. يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي بابت سربراهه فيڊريڪا موگرني ان معاهدي کي اميد جو ڪرڻو قرار ڏنو آهي جڏهن ته روسي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته ان معاهدي بعد دنيا سک جو ساهه کنيو آهي. ايران جي اتحادي شام جي صدر بشار الاسد ان معاهدي تي ايران کي مبارڪون ڏنيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *