جاچ شعبي کي رقم نه ڏيڻ افسوسناڪ عمل آهي: سپريم ڪورٽ

ڪراچي (اي پي پي)سپريم ڪورٽ پوليس جي جاچ ونگ کي رقم ادا نه ڪرڻ تي آءِ جي سنڌ کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي. جسٽس سرمد جلال عثماني جي سربراهي ۾ جڙيل 3 رڪني بينچ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ ريمارڪس ڏيندي چيو ته جاچ واري شعبي کي رقم مهيا نه ڪرڻ افسوس ناڪ عمل آهي. جاچ واري شعبي عدالت ۾ موُقف اختيار ڪيو ته دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيا آهيون، رقمون فراهم نه ٿيڻ سبب جاچ وارا معاملا مشڪلاتن جو شڪار بڻجي رهيا آهن. جاچ آفيسر کيسي مان خرچ ڪري ڊيوٽيون ادا ڪن پيا، عدالت جي حڪم باوجود کين رقم نه پئي ڏني وڃي جڏهن ته گذريل ٻه هفتا اڳ جسٽس امير هاني مسلم دهشتگردي جي عدالتن جي ججن واري ميٽنگ دوُران ٻڌايو ويو هو ته جاچ آفيسرن لاءِ رکيل رقم کين فراهم نٿي ڪئي وڃي، جنهن سبب کين پريشاني کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ان ڏس ۾ پوليس جي اعليٰ عملدارن کي هدايت ڪئي وئي ته جاچ آفيسرن کي رقم فراهم ڪئي وڃي،  اڄ عدالت ۾ جمع ڪيل رپورٽ ۾ عدالت کي ٻڌايو ويو ته هن وقت تائين جاچ آفيسرن کي رقم فراهم ناهي ڪئي وئي جنهن تي سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ سڀاڻي اربع ڏينهن آءِ جي سنڌ ۽ لاڳاپيل آفيسرن کي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *