پنجاب ۽ سنڌ مڪاني چونڊون مرحليوار ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

لاهور (اين اين آءِ) پنجاب ۽ سنڌ مڪاني چونڊون مرحليوار ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن صوبن جو مطالبو سپريم ڪورٽ جي آڏو پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ پنجاب ۽ سنڌ ۾ مڪاني چونڊون 20 سيپٽمبر تي ٿيڻو آهن پر شيڊول جاري ٿيڻ کان 2 هفتا اڳ ٻنهي صوبن طرفان مرحليوار چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن کي لکيل خط ۾ صوبن موقف اختيار ڪيو آهي ته امن امان ۽ انتظامي مسئلن سبب هڪ ڏينهن چونڊون ڪرائڻ گهرجن، هڪ ڏينهن ۾ چونڊن ۽ پولنگ آفيسرن جي سيڪيورٽي لاءِ اهلڪارن جو وڏو تعداد گهربل هوندو، سنڌ ۾ 3 ، جڏهن ته پنجاب ۾ ٻن مرحلن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، ذريعن مطابق اليڪشن ڪميشن ٻنهي صوبن جا مطالبا سپريم ڪورٽ جي نوٽيس ۾ آڻيندو، ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن به پنجاب ۽ سنڌ ۾ مرحليوار چونڊون ڪرائڻ جي تجويز ڏئي چڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *