ايراني باڪسر صدف پنهنجي ملڪ نه موٽندي

پئرس(اسپورٽس نيوز) ايراني عورت باڪسر صدف خادم پنهجي مٿان ڪيس داخل ٿيڻ بعد وطن واپس نه وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ايران سان تعلق رکندڙ عورت باڪسر صدف خادم ملڪ پاران انٽرنيشنل باڪسنگ ميچ کيڏڻ جو اعزاز حاصل ڪيوآهي.تازو صدف خادم هڪ فائيٽ ۾ فرانسيسي باڪسر ايني چائون کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي.صدف خادم کي هلند هفتي پنهنجي فرانسيسي ٽرينر سان گڏ ايران جي گادي واري شهر تهران واپس وڃڻو هو.صدف خادم جو چوڻ آهي سندس گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن، جنهن سبب هوءِ هاڻي تهران نه ويندي.صدف جي اهڙي بيان بابت چيو پيو وڃي ته هن ايونٽ ۾ جيڪو لباس پهريو اهو ملڪ جي قانون جي خلاف آهي.هڪ اخبار کي انٽرويو ڏيندي صدف چيو ته هوءِ هڪ اهڙي ميچ کيڏي رهي هئي،جنهن جي قانوني طور تي اجازت ڏني وئي هئي، پر سندس ڪپڙا ۽ مرد ڪوچ ماڻهن کي پسند نه آيو.فرانس جي شهر رويان ۾ منعقد ٿيل فائيٽ ۾ صدف ايراني جهنڊي ۾ موجود رنگن جا ڪپڙا پهريل هئا، جنهن ۾ سائي رنگ جي شرٽ، ڳاڙهي رنگ جو شارٽس ۽ چيلهه ۾ اڇي رنگ جي پٽي ٻڌل هئي.ايران جي قانون مطابق عورتن ۽ 9سالن کان مٿي جي ڇوڪرين جڏهن ته گهر کان ٻاهر بغير اسڪارف نڪتيون ته کين ڏهه ڏينهن کان ٻه مهينا قيد جي سزا يا روڪ رقم ڏنڍ ادا ڪرڻو پوندو.ايراني رانديگرياڻي لاءِدنيا جي مختلف ملڪن ۾ منعقد ٿيندڙ ايونٽس ۾ شرڪت ڪندڙ عورتن لاءِ وار، ڳلو، ٻانهو ۽ ٽنگن کي ڍڪڻ لازمي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *