وسيم اڪرم پاران بورڊ ۾ هلندڙ سياست تي ڪاوڙ جو اظهار

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ڪرڪيٽ ڪميٽي جي ميمبر وسيم اڪرمبورڊ ۾ هلندڙ سياست تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وسيم اڪرم چيوته پوري دنيا ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ پنهنجي پنهنجي ٽيمن جو اعلان ڪرڻ ۾مصروف آهن ته ٻئي طرف پي سي بي ۾ تماشو لڳل آهي.هن وڌيڪ چيو ته سڄي دنيا جون ٽيمون ورلڊڪپ جي تيارين۾ رڌل آهي ۽ پي سي بي ۾ ماحول ئي ٻيولڳو پيو آهي.ڪوئٽه ۾ منعقد ٿيل گورننگ بورڊ جي اجلاس تي تبصرو ڪندي اڳوڻي ڪپتان چيو ته اجلاس ۾جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي کيس افسوس ٿيو.اڳوڻي ڪپتان چيوته نئون ايم ڊي وسيم خان نوجوان آهي ۽ کيس هڪ موقعو ضرور ملڻ گهرجي.وسيم اڪرم چيوته هو ڪرڪيٽ ڪميٽي ۾ شامل آهي، پر ان باوجود کيس ڪجهه به معلوم نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *