اسيمبلي اجلاس 3 ڏينهن پوءِ ٿئي ٿو ته ڪهڙي قيامت اچي ويندي؟ فواد چوڌري

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَواري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته قومي اسيمبلي جو اجلاس 25 ماچ تي ٿيندو ته ڪهڙي قيامت اچي ويندي آرٽيڪل 63 اي آئين جو بنيادي حصو آهي چورن جي خلاف جدوجهد جاري رهندي پارليماني معاملن واري صلاحڪار بابر اعواڻ ۽ وفاقي وزير حماد اظهر سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿيڻي آهي صدارتي ريفرنس تي به ڳالهه ٻولهه ٿيڻي اهي آرٽيڪل 63 اي آئين جو بنيادي حصو آهي وفاقي وزير چيو ته ماڻهن جو ضمير خريد ڪرڻ لوٽا ڪريسي کي ريگيولرائيز ڪرڻ جي ڪوشش ۽ پاڪستان جي چونڊيل حڪومت خلاف سازش تي سپريم ڪورٽ کان تشريح گهري وئي آهي سپريم ڪورٽ کي چيو ويو ته موجوده حالتن ۾ آرٽيڪل 63 اي جي تشريح ڪئي وڃي ۽ ٻڌايو وڃي ته پاڪستان جي آئين جي تحت ضمير فروشي لوٽا ڪريسي ووٽ وڪرو ڪرڻ جي اجازت آهي يا نه. سپريم ڪورٽ کان جيڪو به جواب ايندو اهو عوام اڳيان پيش ڪنداسين. وفاقي وزير چيو ته عمران خان ۽ پي ٽي آئي جي حڪومت مافياز جي خلاف آهي اسان کي پهرين ڏينهن کان خبر هئي ته مافياز جي خلاف قدم کڻڻ تي اسان جي خلاف سازشون ٿينديون. چورن کي ختم ڪرڻ هڪ وڏو چئلينج هوندو وفاقي وزير چيو ته اهو پهريون موقعو نه آهي ته عمران خان اهڙي چئلينج کي قبول ڪيو اهي. عمران خان زندگي ۾ هميشه وڏا چئلينج کنيا آهن ۽ هلندڙ چئلينج کي به پنهنجي انجام تائين پهچائيندو. هن چيو ته جيڪڏهن قومي اسيمبلي جو اجلاس 22 تي نه ته 25 تي ٿيندو جنهن ۾ ڪهڙي تڪليف واري ڳالهه آهي، موجوده اپوزيشن او آئي سي جي خلاف مهم هلائي آهي ايتري ڀارت ۽ اسرائيل به نه ڪئي آهي. وفاقي وزير چيو ته اپوزيشن خاص طور تي ٻاراڻي ليڊر اسلامي وزيرخارجا ڪانفرنس جي خلاف مهم هلائي اسلامي وزيرن ۽ خارجه ڪانفرنس جون تاريخون هڪ سال اڳ طئي ڪئي وئي هئي. ان جي حتمي تاريخ به 6 کان 8 مهينا پهريا طئي ڪئي هئي اپوزيشن پنهنجي قرارداد 10 ڏينهن کان پوءِ جمع ڪرائيندي ته ڇا قيادت اچي ويندي. وفاقي وزير چيو ته مولانا فضل الرحمان ۽ ان جي اتحادين خلاف عمران خان ڄمي بيٺل آهي. چوڌري فواد چيو ته اسان مخالف پارٽي جو هڪ ايم اين اي به نه ٽوڙيو آهي ۽ نه ئي هاڻي اهو اسان ڪنداسين آئين ۾ موجود اهي ته آزاد اميدوارن اليڪشن کان پوءِ انهن کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ان کي ڪهڙي پارٽي جوائن ڪرڻي آهي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو سمجهن ٿا ته ووٽ نه وڌو ويندو ۽ نااهلي نه ڪئي ويندي سموريون پارٽيون پهريان اجلاس نه ٿيڻ جو چون ٿيون جيڪو شخص ڊيٿٽ ڪندو ان جي نااهلي هميشه لاءِ ڪئي ويندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *