شاهد آفريديءَ پاڪستان ٽيم جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو: عمران فرحت

لاهور ( اسپورٽس نيوز ) اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر عمران فرحت شاهد آفريدي جي آتم ڪٿا ” گيم چينجر “ ۾ سينيئرن جي حوالي سان انڪشاف ڪرڻ تي اڳوڻي ڪپتان کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته شاهد /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 05

آفريدي پاڪستان ڪرڪيٽ جي تباهي جو ذميوار آهي.عمران فرحت چيو ته شاهد آفريدي ڪتاب ۾ ٻين تي الزام لڳائيندي پنهنجو پاڻ کي ڍڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي عمران فرحت چيو ته جيڪو شخص پاڻ ويهه ورهين تائين عمر بابت ڪوڙ ڳالهائيندو رهيو، هاڻ صاف شفاف هئڻ جي دعويٰ ڪندي اڳوڻن عظيم ڪرڪيٽرن تي الزام هڻي رهيو آهي.اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر چيو ته شاهد آفريدي ملڪ لاءِ ڪجهه ڪرڻ بدران پنهنجن مفادن لاءِ ٻين جو استعمال ڪيو، اسپانسرن جي نالي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي سڀ کان وڌيڪ بليڪ ميل هن ڪيو، وهو پنهنجي ذات لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو، پاڪستان ۾ هن کان وڌيڪ خطرناڪ ڪرڪيٽر ٻيو ڪو ناهي، هن ماڻهن کي بيوقوف بڻائي پاڪستان ٽيم جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، انهن ئي ڳالهين جي ڪري پي سي بي جي اڳوڻي چيئرمين اعجاز بٽ هن مان جند ڇڏائڻ چاهيندو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *