ڊونالڊ ٽرمپ صدارتي مدو پورو ڪري سگهندو؟: صاحب خان ڀٽي

آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ چونڊن کان ويندي هن وقت تائين تڪراري بڻيل رهيو آهي  ۽ سندس بيانن سبب دنيا ۾ ٿرٿلو مچي رهيو آهي،  هڪ طرف ڊونالڊ ٽرمپ حڪمن تي صحيحون ڪري رهيو آهي ته ٻي طرف وري عدالتن  انهن تي عمل نه ڪرڻ جي هدايت ڪري رهي آهي،   جڏهن کان آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ آمريڪا ۾ مسلمانن تي پابندي جو اعلان جو ڪيو آهي تنهن ڏينهن کان آمريڪي مسلمانن ۾ بي چيني پيد ا ٿي وئي آهي۽آمريڪي مسلمان ان وقت  تمام گهڻو پريشان ٿي ويا، جڏهن  ٽرمپ جي حامين آمريڪا ۾ هڪ مسجد کي به باهه ڏئي ڏئي، اهڙي عمل جي سڄي دنيا ۾ مذمت  به ڪئي وئي ۽ آمريڪي مسلمانن جو ان تي سخت رد عمل سامهون آيو آهي، گذريل ڏينهن ۾ وائيٽ هائوس ٻاهران هزارين آمريڪي مسلمانن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي ڊونالڊ ٽرمپ خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته تڪرار اميگريشن کي فوري طور واپس ورتو ورڃي، آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي مسلمان کي بي دخل ڪرڻ ۽ 7 ملڪن تي آمريڪا داخلا تي پابندي کان پوءِ آمريڪي عدالت به نوٽيس ورتو آهي، ايتري قدر جو آمريڪي عدالت پرڏيهين جي بي دخليءَ جو عمل روڪي گرفتار پرڏيهين جا تفصيل به گهري ورتا آهن، آمريڪي صدر ڊونالڊٽرمپ جي 7 مسلمان ملڪن جي شهرين جي آمريڪا ۾ داخلا تي پابنديءَ کان پوءِ پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي، ڪيترن ئي ماڻهن کي حراست ۾ به ورتو ويو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت ساڍا 13 ڪروڙ ماڻهن لاءِ آمريڪا جا دروازا بند ٿي چڪا آهن، ڊونالڊ ٽرمپ انتظاميا طرفان چيو ويو آهي ته گرين ڪارڊ رکندڙن کي پهرين آمريڪي سفرتخانن يا قونصل خانن سان رابطو ڪرڻو پوندو. آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي ستن ملڪن جي مسلمانن تي آمريڪا ۾ پابندي لڳائڻ واري اعلان کان پوءِ ايران به آمريڪا کي ڀرپور جواب ڏنو آهي  ته ايران ۾ به آمريڪي سياحن جي اچڻ تي پابندي هوندي ۽ ڪو آمريڪي ايران داخل نه ٿي سگهندو. ايراني عملدارن طرفان چيو ويو آهي ته ايران آمريڪي عوام ۽ آمريڪي حڪومت جي مخالف پاليسين ۾ فرق ڪندو آهي پر جيستائين آمريڪا طرفان ايراني شهرين تان پابندي کنئي نه ويندي تيستائين ايران به جواب ڪارروائي جاري رکندو.

بهرحال هن وقت تائين ته ڊونالڊ ۽ سندس انتظاميه خلاف ڪنهن نوٽيس ته نه ورتو آهي پر آمريڪا ۾ هن وقت به سندس ڪيل هدايتن تي آمريڪي عوام جو سخت رد عمل سامهون اچي رهيا آهن، آمريڪا جي هن وقت به ڪيترين ئي رياستن ۾ ڊونالڊٽرمپ خلاف احتجاج ٿي رهيا آهن ۽ ڪجهه هنڌن تي ته ڊونالڊ ٽرمپ خلاف وال چاڪنگ به ڪئي وئي، آمريڪا ۾ ڪجهه اهڙا به واقعا پيش اچي رهيا آهن جنهن کي ميڊيا ڏيکارڻ کان لنوائي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڊونالڊ ٽرمپ ميڊيا جي ماڻهن خلاف گٿا لفظ ڳالهايا، هونءَ ته ڊونالڊ ٽرمپ جي باهه پناهگيرن کان ويندي مسلمانن تائين هئي پر هاڻ هو صحافين کي به نشانو بڻائي رهيو آهي، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ کي سندس ڪجهه اهم دوستن به کيس ميڊيا کي نشانو نه بڻائڻ جي صلاح ڏني آهي تنهن بعد هن ميڊيا تي هلڪو هٿ رکيو آهي پر مسلمانن ملڪن جي ماڻهن جي داخلا تي پابندي واري فيصلي تي هن وقت به قائم آهي. ڊونالڊ ٽرمپ صدارتي چونڊن کان اڳ اعلان به ڪيو هو ته صدر ٿيڻ بعد مسلمانن جي آمريڪا ۾ داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏيندو ۽ هن ايندي اهڙا قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڊونالڊ ٽرمپ صرف مسلمانن تي آمريڪا ۾ داخلا تي پابندي لڳائڻ جو اعلان نه ڪيو هو  پر ٻيا کوڙ سارا به هن پنهنجي قوم آڏو اعلان ۽ وچن ڪيا هئا، جن مان هڪڙو واعدو هو پورو ڪري چڪو آهي. آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جڏهن کان پنهنجا اختيار استعمال شروع ڪيا آهن تنهن ڏينهن کان آمريڪا ۾ مسلمانن جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن ۽ اهو خدشو به ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ڊونالڊ ٽرمپ جي صدر ٿيڻ بعد هاڻ صرف دنيا نه پر آمريڪا جو مستقبل به داءُ تي لڳي ويو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن ڊونالڊ ٽرمپ پنهنجي عهدي جو حلف کنيو هو ته ان وقت ڪجهه ماڻهو چئي رهيا هئا دنيا بنا سبب جي پريشان ٿي رهي آهي، ڊونالڊ ٽرمپ جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي، اهو هر هڪ ملڪ جي صدر کي پنهنجي قوم لاءِ ڪرڻ گهرجي، ڪجهه ماڻهو ته اهو به چئي رهيا هئا ته ڊونالڊ ٽرمپ جي مخالفت نه ڪرڻ گهرجي،ڇاڪاڻ ته هو هڪ ڪاروباري شخصيت آهي ۽ دنيا اندر امن قائم ڪرائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو، بهرحال اها ته سڄي دنيا کي ئي خبر آهي ته ڊونالڊ ٽرمپ هڪ ڪامياب واپاري آهي ۽ هڪ واپاري جي سوچ ڪهڙي هوندي آهي، ان بابت ته هڪ ڪامياب واپاري بهتر ٻڌائي سگهي ٿو پر هڪ ڳالهه سامهون اچي چڪي آهي ته ڊونالڊ ٽرمپ جيڪي به هن وقت تائين قدم کنيا آهن ان سان آمريڪا ۾ دنيا اندر نفرتون پکڙجي رهيون آهن ۽ هر هڪ ملڪ ۾ اهو تاثر وڃي رهيو آهي ته آمريڪا مسلمانن جو دشمن آهي، جيڪي ٽئين جنگ ٿيڻ ڏانهن اشارو وڃي رهيو آهي،

جيڪڏهن ٽئين عالمي جنگ لڳي ته نه ته آمريڪا دنيا جي نقشي ۾ رهي سگهندو ۽ نه ئي ڪو ٻيو ملڪ، ڇاڪاڻ ته اڄ ڪلهه هر هڪ ملڪ سپر پاور  بڻجڻ چاهي رهيو آهي ۽ ڪيترائي ملڪ اهڙا ملڪ آهن جيڪي ايٽمي قوت بڻجي چڪا آهن، ڪجهه ملڪ ته اهڙا به آهن جيڪي ايٽمي ملڪ ته بڻجي چڪا آهن پر اهي دنيا آڏو واضع نه ڪري رهيا آهن، بهرحال آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ عقل کان ڪم نه وٺي رهيو آهي پر هو جذبات ۾ اچي هڙا قدم کڻي رهيو آهي جنهن سان سندس ملڪ هڪ غير محفوظ بڻجڻ طرف وڃي رهيو آهي، هو ته اڳوڻي آمريڪي صدر بارڪ اوباما جي دور ۾ ڪيترائي اهڙا واقعا پيش آيا هئا جنهن سبب آمريڪا ٿڏي ويو هو، هڪ طرف ڪاري نسل جا ماڻهو ان وقت احتجاج ڪري رهيا هئا ته ٻي طرف وري فائرنگ جا واقعا به روز جو معمول بڻيل هئا، ڪاري نسل جا ماڻهو آمريڪي حڪومت تي اهو الزام لڳائي رهيا هئا ته ساڻن سٺو ورتاءُ نه پيو ڪيو وڃي ۽ اهڙو اعتراف بارڪ اوباما ويندي ويندي به ڪيو هو ۽ چيو هو ته کيس وائيٽ هائوس ۾ رهندي نفرتن کي منهن ڏيڻو پيو هو، بهرحال هن وقت جيڪي آمريڪا جي صورتحال بڻجي چڪي آهي، ان مان اهو اندازو لڳائي سگهي  ٿو، جيستائين آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ آمريڪي صدر رهندو، تيستائين آمريڪا ۾  روز ڪٿي نه ڪٿي ڪو مسئلو ضرور پيدا ٿيندو رهندو ۽ هو  صرف آمريڪا لاءِ نه پر دنيا لاءِ به هڪ خطرو بڻجي ويندو،  جيڪڏهن ڊونالڊ ٽرمپ هن وقت به آمريڪا ۾ حالتون تبديل ڪرڻ لاءِ قدم نه کنيا ته پوءِ مستقبل ۾ ان جا خراب نتيجا نڪرڻ جو خدشو آهي. جنهن جون نشانيون هن وقت به نظر اچڻ لڳيون آهن. ڊونالڊ ٽرمپ صدارتي عهدي کان اڳ هڪ بيان ڏنو هو ته آمريڪا کي محفوظ ترين ملڪ بڻائيندو ۽ هن ايندي ئي ميڪسيڪو سرحد وٽ ڀت اڏڻ جو حڪم ڏنو جنهن تي ميڪسيڪو جي صدر اينرڪ پينا سان سندس اختلاف به ٿي ويا ۽ اهي اختلاف ان ڪري ٿيا جو آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ ان تعمير ٿيندڙ ڀت جا پيسا ميڪسڪو کان گهريا هئا ۽ چيو هو ته ان ڀت جي سمورو خرچ ميڪسيڪو ئي ادا ڪندو پر جڏهن ميڪسيڪو جي صدر اهڙي مطالبي کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته هو ڪنهن  به صورت ۾ ڀت جي تعمير جو خرچ نه ڏيندا. بهرحال هن وقت دونالڊ ٽرمپ انهن ماڻهن کي به نوازي رهيو آهي جن هيلري کي شڪست ڏيارڻ ۾ سندس مدد ڪئي هئي،

آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ ايف بي آءِ ڊائريڪٽر جيمز ڪومي کي به عهدي تي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو هو، اهو صرف ان ڪري اهو فيصلو ڪيو  ويو جو هيلري جي مقبوليت ۾ اضافو هو ۽ ڊونالڊ ٽرمپ اهو برداشت نه پيو ڪري سگهيو، جيڪڏهن ڏٺو وڃي صدارتي چونڊن دوران دنيا جا اڪثر ماڻهو اهو ئي چئي رهيا هئا ته هيلري جي ڪاميابي جا امڪان وڌيڪ آهي ۽ جيڪا سروي آمريڪا ۾ ڪرائي وئي هئي ان ۾ به هيلري جا امڪان وڌيڪ ظاهر ڪيا هئا پر جڏهن ايف بي آءِ ڊائريڪٽر جيمز ڪومي هيلري جون اي ميلز  پڌريون ڪيون هيون تڏهن کان سندس زوال شروع ٿي ويو هو،  هڪ طرف هيلري جي اي ميلز کيس تمام گهڻو ڌڪ رسايو ته ٻي طرف وري روسي هيڪنگ به رهي صحيح ڪسر پوري ڪري ڇڏي هئي. هونءَ ته آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ ڪيترن ئي مسلمان ملڪن جي ماڻهن جي داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي پر جڏهن ڪنهن صحافي سوال آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ کان ڪيو ته پاڪستانين، افغانين ۽ سعودين جي آمريڪا اچڻ تي پابندي ڇو نه پئي لڳائي وڃي ؟ تنهن جي جواب ڊونالڊ ٽرمپ چيو هو ته هو ڪجھه ملڪن جو جائزو وٺي رهيا آهن، جيڪڏهن ٿورو به مسئلو ٿيو ته اهڙن ملڪن جي شهرين تي به پابندي لڳائڻ ۾ دير نه ڪندا.ڊونالڊ ٽرمپ ته اهو به چيو هو تههي پابندي مسلمانن بدران انهن ملڪن تي آهي، جتي دهشتگردي عروج تي پهتل آهي.جڏهن کان تڪراري آمريڪي اميگريشن  تي آمريڪا ۾ احتجاج شروع ٿيا آهن تنهن ڏينهن کان آمريڪا سميت سڄي دنيا ۾ هڪ خوف واري لهر پکڙجي وئي آهي. اهو صرف ان ڪري ٿي رهيو آهي ته هڪ طرف ڊونالڊ ٽرمپ آمريڪي مسلمانن سميت سڄي دنيا جي مسلمانن لاءِ مسئلا پيدا ڪري رهيو آهي ته ٻي طرف وري دهشتگردي جو شڪار ملڪ به هڪ ڀيرو ٻيهر اهو سوچڻ ته مجبور ٿي رهيا آهن ته آمريڪا جو ساٿ ڏيڻ سندن لاءِ هڪ چيلينج بڻجي رهيو آهي. آمريڪي هو لينڊ سڪيورٽي جي ترجمان طرفان به چيو ويو آيه ته آمريڪا مان مسلمان ملڪن جي رهواسين کي ڪڍڻ واري عمل کي روڪڻ لاءِ عدالتي حڪمن تي عمل ڪيو پيو  وڃي. جيتوڻيڪ ڊونالڊ ٽرمپ هن وقت تائين آمريڪا ٿيل عوامي رد عمل جو نوٽيس ناهي ورتو پر ان جا نتيجا مستقل ۾ سندس صدارتي عهدي لاءِ به هڪ وڏو چيلينج بڻجڻ وارا آهن ۽ ڊونالڊ ٽرمپ اهڙن قدم سان تڪراري بڻجڻ طرف وڃي رهيو آهي، مطلب ته هن وقت ڊونالڊ ٽرمپ تڪراري بڻجي چڪو آهي.

هونءَ ته آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي مسلمانن خلاف ويزا پاليسيءَ خلاف سڄي دنيا ۾ رد عمل سامهون اچي رهيو آهي پر ڊونالڊ ٽرمپ اهڙن احتجاجن ۽ مظاهرن جو ڪو به نوٽيس نه وٺي رهيو آهي.  تڪراري اميگريشن آرڊر خلاف وائيٽ هائوس ٻاهران ٿيل احتجاج تي به ڊونالڊ ٽرمپ جي ڪن تي جونءَ نه چري آهي. جڏهن وائيٽ هائوس ٻاهران هزارين مسلمان تڪراري آرڊر خلاف احتجاج ڪري رهيا هئا تڏهن آمريڪي صدر ڊونالڊٽرمپ سعودي بادشاهه شاهه سلمان بن عبدالعزيز سان به فون تي رابطو ڪيو ۽ مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون. ڪينيڊا ته ٽرمپ جي ايگزيڪٽيو آرڊر جا متاثر ماڻهن کي پنهنجي ملڪ ۾ عارضي طور رهائڻ جو به اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ٻي طرف وري برطانيا ۾ ڊونالڊ ٽرمپ جي سرڪاري دوري کي ملتوي ڪرائڻ لاءِ به برطانوي شهرين آن پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن تحت هڪ لک کان و ڌيڪ ماڻهن جي صحيحن بعد پٽيشن تي پارليامينٽ ۾ بحث ڪيو ويندو ۽ هن وقت ڊونالڊ ٽرمپ خلاف آن داخل ڪرايل پٽيشن تي ڪافي ماڻهن صحيحون ڪري ڇڏيون آهن ۽ برطانوي ميڊيا ته اها دعويٰ به ڪري رهي آهي ته هن وقت لک کان وڌيڪ ماڻهن آن لائن پٽيشن تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. بهرحال هن وقت سوڊان جي پرڏيهي آفيس به پنهنجو احتجاج آمريڪي سفير آڏو رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ ايران  ته آمريڪا تي ساڳيو ئي وار ڪيو آهي، جيڪو به هڪ سٺو سنوڻ آهي ۽ اهو بيان  اسان جي ملڪ ۾ هڪ سياسي پارٽي جو سربراهه به ڏئي چڪو آهي ته جيڪڏهن ڊونالڊ ٽرمپ پاڪستانين جي آمريڪا ۾ داخلا تي پابندي لڳائيندو ته هو به ان تي پابندي لڳائيندا. جيڪڏهن ڏٺو وڃي جهڙي ريت ڊونالڊ ٽرمپ آمريڪا کي هلائي رهيو آهي اهڙي ريت مستقبل ۾ آمريڪا محفوظ نه پر غير محفوظ بڻجي ويندو، پوءِ ڀلي ڊونالڊ ٽرمپ سرحدن تي ڀتون قائم ڪرائي يا وري سمورن مسلمانن کي آمريڪا مان کڻي بي دخل ڪري، ڇاڪاڻ ته آمريڪا ۾ ڪاري نسل جا ماڻهو به ڊونالڊ ٽرمپ خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ ڪجهه اهڙا آمريڪي شهري به آهن جيڪي آمريڪا جا جهنڊا ساڙي رهيا آهن.

sahibalisindhi@gmail.com

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *