شاهه رخ ۽ ڪيپريو ”ايڪسٽريم سٽي“ نالي هالي ووڊ فلم ۾ گڏ ڪم ڪندا

ممبئي/ برلن (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي بادشاهه شاهه رخ خان بابت دعويٰ ڪئي وئِي آهي ته هو هالي ووڊ جي چاڪليٽي هيرو ۽ ٽائٽينڪ فيم ليونارڊي ڪيپريو سان گڏ هڪ ئي فلم ۾ نظر اچي رهيو آهي، بالي ووڊ ۽ هالي ووڊ جي گڏيل ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته شاهه رخ ۽ ڪيپريو ”ايڪسٽريم سٽي“ نالي هالي ووڊ فلم ۾ گڏ ڪم ڪندا، جيڪا مختلف ٻولين ۽ ثقافتن تي ٺهندڙ هڪ نرالي فلم هوندي، ذريعن شاهه رخ بابت دعويٰ ڪئي ته هو فلم جي اسٽوري بابت ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ هدايتڪار ماٽن اسڪورس سان ڳجهه ڳوهه ۾ هڪ ميٽنگ پڻ ڪري آيو آهي، جڏهن ته اهڙين دعوائن بعد شاهه رخ ۽ ڪيپريو جي گڏيل فلم جو هڪ خيالي پوسٽر پڻ جاري ڪيو ويو، هوڏانهن  شاهه رخ خان جي ويجهن ذريعن ان دعويٰ کي رد ڪندي چيو ته پوسٽر شاهه رخ جي ڪنهن چاهيندڙ پاران ٺاهيو ويو آهي، جنهن تي ڪا ڪاوڙ يا وري خراب ڳالهه ناهي، پر شاهه رخ اڄ ڪلهه بالي ووڊ جي ڪيترن ئي پراجيڪٽن ۾ مصروف آهي، تنهنڪري هو ڪنهن ٻئي پراجيڪٽ بابت ڪجهه سوچي به نه ٿو سگهي ته هالي ووڊ فلم ۾ ڪم ڪيئن ڪندو؟ شاهه رخ جي ذريعن ان خبر کي بلڪل رد ڪيو ۽ چيو ته هو هالي ووڊ  فلم ۾ جڏهن به ڪم ڪيو ته اڳواٽ مداحن کي ٻڌائيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *