انڪوائري ڪميشن کانپوءِ لاهور جي عوام به عمران خان جا الزام رد ڪري ڇڏيا: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) سـُڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته اين اي 122 جي نتيجن عمران خان جي ڪوڙ کي بي نقاب ڪيو آهي، ننڍي چونڊ جا نتيجا نه رڳو ڪپتان جي الزامن جو جواب آهن پر انهن مان ثابت ٿي ويو آهي ته 2013 واريون عام چونڊون به شفاف هيون.  اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته عمران خان اڍائي سالن کان شور مچائي رهيو هو ته پارليامينٽ ۽ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر جعلي آهن ۽ تڪ تي 50 هزار ووٽ جعلي ڪاسٽ ٿيا. هن چيو ته اين اي 122 جي نتيجن بعد عوام ثابت ڪيو ته تڪ تي ڪي به 50 هزار ووٽ جعلي ڪاسٽ نه ٿيا هئا، عمران خان ڪوڙ ڳالهائي رهيو هو. پرويز رشيد چيو ته انڪوائري ڪميشن کانپوءِ لاهور جي عوام به عمران خان جا الزام رد ڪري ڇڏيا آهن، هاڻي ڪپتان کي ڪوڙ واري سياست ڇڏڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته اين اي 122 جي ننڍي چونڊ جي نتيجن ۽ 2013 واري نتيجن ۾ ڪو به فرق ناهي،  لاهور جي عوام عمران خان جي ڪوڙ کي بي نقاب ڪري ڇڏيو. هڪ سوال جي جواب ۾ پرويز رشيد چيو ته اوڪاڙه ۾ مهم هلائڻ لاءِ ن ليگ جو ڪو به اميدوار نه ويو هو، عمران خان اتي جلسو به ڪيو پر ان باوجود ن ليگ جي اميدوار 45هزار ۽ ڪپتان جي اميدوار کي 7 هزار ووٽ مليا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *