محرم دوران دهشتگردي جو خطرو، 95 هنڌ حساس قرار، سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته محرم الحرام ۽ بلدياتي چونڊون ساڳئي وقت ئي ٿي رهيون آهن تنهن ڪري اسان جي انٽيليجنس ادارن ۽ قانون نافذ ڪندڙ کي وڌيڪ چوڪس رهڻو پوندو ڇاڪاڻ ته پابندي مڙهيل تنظيمون نون نالن سان ميدان ۾ اچي رهيون آهن ۽ اسان کي انهن کي هر قيمت تي روڪڻو پوندو. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه محرم الحرام جي حوالي سان هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي عاشورن ۽ بلدياتي چونڊ جي حوالي سان جائزو ورتو. اجلاس ۾ سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد خصوصي طور تي شرڪت ڪئي جڏهن ته اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ۾صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه، گهرو زوير سهيل انور سيال، سيد ناصر حسين شاهه، مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ، ڊائريڪٽر جنرل رينجرز بلال اڪبر، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري علم الدين بلو، ايڊيشنل آءِ جي ايز ڊي خواجه، مشتاق مهر، ثناءُالله عباسي، حساس ادارن جا سربراهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته محرم الحرام جون مجلسون ۽ جلوس  پهرين محرم الحرام کان چهلم تائين جاري رهندا آهن تنهن ڪري انهن جي سيڪيورٽي لاءِ صاف ۽ شفاف منصوبو جوڙيو وڃي. ٻئي پاسي مڪاني چونڊن جو مرحلو به جاري آهي انهيءَ ڪري محرم الحرام جي جلوسن ۽ مڪاني ادار ن جي چونڊن لاءِ سڪيورٽي پلان تيار ڪيو وڃي. وزير اعليٰ سيد قائم علي شاهه پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن جي سفارش کي موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لڳائڻ جي منظوري ڏني پر ان پابندي تي عورتون، ٻارڙا ۽ بزرگ شهري آجا هوندا. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه 10 محرم الحرام تي موبائل سروس ۽ وائفاءِ نيٽ ورڪ سروس معطل ڪرڻ لاءِ گهرو کاتي کي هدايت ڪئي ته وفاقي سرڪار سان رابطو ڪري موبائل فون سروس جي معطلي سفارش ڪري. سنڌ جي وڏي وزير رينجرز، پوليس ۽ حساس ادارن کي هدايت ڪئي ته وڌيڪ چوڪس رهن ڇاڪاڻ ته پابندي مڙهيل تنظيمون نون نالن سان نرواڙ ٿي رهيون آهن ۽ بلدياتي چونڊن ۾ انهن جا ڪارندا حصو وٺڻ لاءِ فارم به جمع ڪري رهيا آهن. ڊائريڪٽر جنرل رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر چيو ته هن گذريل هن 7 سالن جي محرم الحرام جي ڊيٽا تي تحقيق ڪندي اهو اندازو لڳايو آهي ته ڪراچي شهر ۾ 95 حساس هنڌ آهن جتي رينجرز سنڌ پوليس سان گڏجي هڪ سڪيورٽي جا انتظام ڪيا آهن. ان کان سواءِ رينجرز، پوليس ۽ ڪائونٽر ٽيرزم ڊپارٽمينٽ سان گڏجي پابندي مڙهيل تنظيم خلاف هڪ خاص آپريشن شروع ڪيو آهي جيڪو چهلم تائين جاري رهندو، هن آپريشن ذريعي دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب ٿي نه سگهندا. هن وڌيڪ چيو ته ٻيلهه سواري تي پابندي ۾ سهولت ڏيڻ لاءِ صحافين کي پاسون جاري ڪيون وينديون. هن چيو ته عاشورن جي جلوسن جي نگراني هيليڪاپٽرن ذريعي به ڪئي ويندي ان کان علاوه اسان سپارڪو جي سروينر سسٽم کان به مدد حاصل ڪندا سين. سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد ڪراچي انتظاميا يعني ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته ڪي اليڪٽرڪ سان رابطو ڪري عاشورن دوران اسٽريٽ لائٽس تي لوڊشيڊنگ ختم ڪرائي ان سان گڏو گڏ ڪي ايم سي اسٽريٽ لائٽس جي مرمت ڪري ڇاڪاڻ ته اهڙي نازڪ وقت ۾ گهٽين ۾ انڌيري جو فائدو ملڪ دشمن قوتون وٺي سگهن ٿيون. وڏي وزير جي خصوصي معاون ڊاڪٽر قيوم سومرو اجلاس کي ٻڌايو ته هن مختلف فرقن جي عالم سان گڏجاڻيون ڪري اهو يقيني بڻايو آهي محرم الحرام دوران ظابطه اخلاق تي مڪمل عمل ڪيو وڃي. وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه تمام ڊويزن جي ڪمشنرن کي هدايت ڪندي چيو ته هو پنهنجي پنهنجي حدن جي ضلعن ۾ امن ڪاميٽيون قائم ڪن. وزيراعليٰ جي پرنسپل سيڪريٽري علم الدين بلو  چيو ته هو سڀني ڊپٽي ڪمشنرن سان رابطي ۾ آهي ۽ هر ضلعي ۾ امن ڪاميٽيون قائم ڪيون ويون آهن ۽ انهن باقائدگي سان ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي، وڏي وزير پنهنجي پرنسپل سيڪريٽري کي هدايت ڪئي آهي ته محرم دوران ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي جون ڊيوٽيون باقائدگي سان لڳائن جنهن ۾ دوائن جو به جوڳو بندو بست ڪن جيئن ماتمن جو ضرورت پوڻ تي بهتر علاج ٿي سگهي ۽ هن اهڙي قسم جا انتظام بلدياتي ادارن کي به ڪرڻ جي هدايت ڪئي. حساس ادارن وزير اعليٰ کي پابندي مڙهيل تنظيمن جي چر پر جي حوالي سان ٻڌايو ته ڪراچي کان سواءِ شڪارپور، خيرپور ۽ شهدادڪوٽ ۾ سڪيورٽي انتطام وڌيڪ بهتر ڪيا وڃن. ايڊيشنل آءِ جي پوليس ٻڌايو ته سموري صوبي ۾ 64414 پوليس اهڪار پنهنجو سڪيورٽي ڊيوٽيون انجام ڏيندا . انهن اهلڪارن ۾ 41090 اهلڪار مخصوص هنڌن تي ڊيوٽي سر انجام ڏيندا جڏهن ته 5482 اهلڪارن کي پڪيٽن ۾ لڳايو ويندو  8825 پيٽرولنگ ڪندا ان کان سواءِ 9017 کي اسٽينڊ باءِ  رکيو ويو آهي. وڏي وزير رينجرز ۽ پوليس جي ڪم جي واکاڻ ڪندي چيو ته گذريل محرم الحرام ۾ هنن سخت محنت ڪري محرم الحرام دوران ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعو ٿيڻ نه ڏنو ۽ مون کي اميد آهي ته هن محرم دوارن به هنن جي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر هوندي. وڏي وزير رينجرز ۽ پوليس کي هدايت ڪئي بلدياتي چونڊن جي حوالي سان سڪيورٽي منصوبو جوڙين ڇاڪاڻ ته بلدياتي چونڊين جو پهريون مرحلو جيئن ئي پورو ٿيندو ته ٻيون ۽ ٽيون مرحلو شروع ٿي ويندو تنهن ڪري اسان کي انهن  چونڊن ۾ مڪمل سڪيورٽي فراهم ڪرڻي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *