رولڙي جو شڪار بڻيل ٿر ڪول منصوبو

ملڪ هن وقت بدترين انرجي ڪرائسز مان گذري رهيو آهي، ٻهراڙيون ته رهيون ماڳ شهرن ۾ پڻ انڌيرن جو راڄ آهي، ڪارخانا، فيڪٽريون ۽ ٻيو ننڍو وڏو ڪاروبار توانائي جي بحران سبب تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي، جيڪڏهن ائين چئجي ته غلط نه ٿيندو ته جيترو دهشتگرديءَ سماج ۾ انتشار پيدا ڪيو آهي، ايترو ئي نقصان بجليءَ جي بحران پڻ ڏنو آهي. ماڻهو ذهني طور مونجهارن جي وَر چڙهيل آهن، فرسٽريشن جو عالم هي آهي جو ڪنهن هڪ علائقي جي ضمني چونڊ جنگ وارو لقاءُ پيش ڪري رهي هئي. ڪير ان کي ڀلي ته سياسي سجاڳي ڪوٺي پر سماجي علم جا ماهر اُن کي فرسٽريشن جو هڪ نمونو قرار ڏين ٿا. آچر ڏينهن لاهور جي اين اي 122 جي ضمني چونڊ دوران جنهن قسم جو ماحول جوڙيو ويو، جيئن ڪارڪن هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿي بيٺا تنهن جو سبب اصل ۾ اُنهن جي اندر ۾ گڏ ٿيل اُها ڪاوڙ ۽ ڪروڌ آهي، جيڪا معاشي تنگي ۽ سماجي اڻبرابريءَ جي صورت ۾ پروان چڙهي آهي، پر جيئن ته اسين هر معاملي ۾ عطائي طريقو اختيار ڪندا رهيا آهيون ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ بجاءِ حوال ڪٽيندا آهيون، تنهن ڪري مسئلا پهريان مونجهارن کي جنم ڏيندا آهن، پوءِ اُهي انتشار جي صورت اختيار ڪندا آهن، جنهن مان ڪيتريون ئي برايون جنم وٺنديون آهن. اڄ جيڪا ملڪ ۾ ڪرپشن، بدامني ۽ بيچيني پکڙيل آهي، تنهن جو سبب پڻ اِهو ئي آهي ته اسين حقيقي مسئلن کان يا ته بي خبر آهيون يا اُنهن کي حل ڪرڻ نٿا چاهيون. جيڪڏهن معاملا حل ڪرڻ چاهيندا هجون ها ته سنڌ جي ٿر ۾ لڌل ڪاري سُون جي ايڏي وڏي ذخيري کان ائين ڪن لاٽار هرگز نه ڪريون ها، بلڪه اُن کي استعمال جوڳو بڻائڻ لاءِ هر قسم جا اُپاءَ وٺي ملڪ کي معاشي مسئلن جي ڌٻڻ مان ڪڍڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪريون ها. پر جيئن ته اِهو ڪارو سون سنڌ مان لڌو ويو آهي، تنهنڪري وفاقي سرڪار نه ٿي چاهي ته اُها ڪنهن به حوالي سان سنڌ جي محتاجي کڻي، بلڪه چوڻ وارا ته اِهو به چون ٿا ته اقتداري ڌريون نه ٿيون چاهين ته سنڌ پاڻ ڀري ٿئي ۽ ملڪ جي باقي صوبن کي اُن ڏانهن واجهائڻو پوي، جنهن ڪري ٿر ڪول جهڙي انتهائي اهم معاملي کي پٺي ڏني پئي وڃي. ٿر ڪول ۽ انرجي بورڊ جي حوالي سان ٿيل اجلاس ۾ وفاق کان جيڪي شڪايتون اُٿيون آهن، اُهي ڌيان لهڻن ٿيون ۽ ان حوالي سان وزيراعظم کي خط لکڻ يا آگاهه ڪرڻ جو جيڪو فيصلو ڪيو ويو آهي، اُن تي بنا دير عمل ڪيو وڃي. ايترو ئي نه پر انهيءَ معاملي کي ميڊيا تي پڻ بحث ۾ آندو وڃي جو اِهو فقط سنڌ جو ئي نه پر پوري ملڪ جي معاشي خوشحاليءَ جو معاملو آهي، اُن کي ائين پٺيءَ ڀر اڇلائڻ ڪنهن به ريت چڱو عمل نه ڪوٺبو، اهڙي قسم جي روش سماجي خودڪشيءَ جي مترادف هوندي، تنهن ڪري وفاقي سرڪار کي پنهنجي روين ۾ تبديلي آڻيندي ملڪ جي اهم منصوبن کي ترجيح جي بنيادن تي اڳتي وڌائڻو پوندو ته جيئن عوام کي معاشي قتل کان بچائڻ سان گڏوگڏ انڌيرن مان پڻ ٻاهر ڪڍي سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *