ڪنهن به ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو: آرمي چيف

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته 2003ع واري سيز فائر معاهدي جي پاسداري کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي ڪنهن به ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه لائن آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي کوئي رٽ ۽ اريان سيڪٽرن جو دورو ڪيو جتي مقامي ڪمانڊرن آرمي چيف کي ڀارت طرفان جنگبندي جي ڀڃڪڙين تي بريفنگ ڏني. آفيسرن کيس ڀارتي فوج طرفان شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ بابت ٻڌايو جواب ۾ آرمي چيف پاڪ فوج طرفان ڀارت کو موثر ۽ ذميواراڻو جواب ڏيڻ واري عمل کي ساراهيو. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور موجب آرمي چيف لائن آف ڪنٽرول تي حفاظتي قدمن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي هدايت ڏيندي چيو ته 2003ع جي سيز فائر معاهدي جي پاسداري کي ڪمزور نه سمجهيو وڃي ڪنهن به ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.  بعد ۾ آرمي چيف سي ايم ايڇ ڪمبائنڊ ملٽري هوسپٽل سيالڪوٽ جو دورو ڪيو جتي هن تازي ئي ڀارت طرفان ٿيل شيلنگ سبب زخمي ٿيلن جي عيادت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *