ايندڙ عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ڪراچي شهر ۾ سوئيپ ڪندي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي( 24 فيبروري) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ڪراچي شهر ۾ سوئيپ ڪندي، جيالا اُن عظيم الشان ڪاميابي لاءِ تياريون ڪن،پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ بلاول هائوس  ۾ ڪراچي ڊويزن جي سمورن 6 ضلعن جي عهدن لاءِ خواهشمند اميدوارن کان انٽرويوز ورتا، ان موقعي تي پارٽي جا سينئر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاه، فريال ٽالپر، سينيٽر شيري رحمان، سيد قائم علي شاه، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاه، نثار احمد کهڙو، وقار مهدي، سينيٽر عاجز ڌامراه، سينيٽر سعيد غني، راشد رباني، ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا،سنڌ جي 6 ڊويزنن ۽ 30 ضلعن جي نون عهديدارن جي چونڊ لاءِ اميدوارن کان انٽرويوز وٺڻ جو اڄ مسلسل ٽيون ڏينهن هو، گذريل سال اپريل ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين سموريون صوبائي تنظيمون تحليل ڪيون هيون ۽ نون عهديدارن لاءِ ضلعي سطح تي ڪارڪنن کان سندن تجويزون ۽ رايا وٺڻ لاءِ صوبائي ڪوآرڊينيشن ڪاميٽيون جوڙيون هيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *