انوشڪا ۽ ويرات شادي جون تقريبون ختم ٿيڻ تي ڏکڻ آفريڪا روانا

نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) بالي ووڊ اداڪارا انوشڪا شرما ۽ ڪرڪيٽر ويرات ڪولهي پنهنجي شادي جون تقريبون ختم ٿيڻ کانپوءِ ڏکڻ آفريڪا روانا ٿي ويا آهن.ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن مطابق انوشڪا ۽ ويرات کي گذريل رات جو دير سان ايئرپورٽ تي ڏٺو ويو. ان موقعي تي ويرات کي ٽريڪ سوٽ جڏهن ته انوشڪا کي ڪارو ۽ اڇو پٽا پٽي جمپ سوٽ ۽ بليڪ جيڪٽ پهريل هئا. ڀارتي اسٽار جوڙي نئين سال جي آجيان گڏ ڪندي جنهن کانپوءِ ويرات ڪولهي ڏکڻ آفريڪا سان شيڊول واري ڪرڪيٽ سيريز ۾ مصروف ٿي ويندو.واضح رهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم ڏکڻ آفريڪا خلاف پهرين ميچ 5 جنوري تي کيڏندي. ٻئي طرف انوشڪا واپس وطن اچي ممبئي ۾ آنند ايل راءِ جي فلم جي شوٽنگ شروع ڪندي، جنهن ۾ سندس سامهون هيرو جو ڪردار شاهه رخ خان ادا ڪري رهيو آهي، جڏهن ته فيبروري ۾ انوشڪا ورن ڌون سان گڏ فلم ”سئي ڌاگا“ جي شوٽنگ پڻ شروع ڪندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *