محبوب سبحاني،قطب رباني،پيران پير غوث اعظم دستگير  ….حضرت سيدناعبدالقادر جيلاني رحمت الله عليه: عبدالفتاح عباسي

الله پاڪ پنهنجي محبوب سرڪار مدينه صلي الله عليه وسلم سان بي انتها محبت کي ئي پنهنجي محبت قرار ڏنو آهي۽ يارسول الله صلي الله عليه وسلم وري پنهنجي پيارن صحابه اڪرام،اهلبيت پاڪ جي محبت کي پنهنجي محبت سڏيو آهي.حضرت سيدنا غوث اعظم محبوب سبحاني عبدالقادر جيلاني رحمت الله عليه جو پاڪ شجره مبارڪ حضرت سيدنا مولي! علي شير خدا رضي الله عنه جن سان ملي ٿو.پاڻ والد جي طرف کان حضرت سيدنا امام حسن رضي الله عنه ۽ والده جي طرف کان حضرت سيدنا امام عالي مقام امام حسين رضي الله عنه جن سان ملي ٿو.والد جو اسم مبارڪ حضرت ابوصالح رضي الله عنه ۽ والده جو اسم مبارڪ حضرت فاطمه رضي الله عنها آهي.سيدنا غوث اعظم پيران پير دستگير جون ڪرامتون سلسلي عاليه قادريه جي طالبن لاءِ بي مثال دنيا جي مسلمانن لاءِ قائم دائم آهن.بشير بن محفوظ جو بيان آهي ته هڪ ڏينهن منهنجي ڌيءَفاطمه گهر جي ڇت تان هڪدم غائب ٿي وئي. مان پريشان ٿي ڪري سرڪار بغداد حضور غوث پاڪ رضي الله عنه جي خدمت بابرڪت ۾ حاضر ٿي ڪري عرض ڪيو،سائين جن فرمايو ته ڪرخ وڃي اتي ويراني ۾ رات جي وقت هڪ مخضوص جڳهه تي پنهنجي چوڌاري دائرو ڪڍي ويهي رهجانءِاتي منهنجو تصور ڪري بسم الله چئي ڇڏجانءِ.رات جي انڌيري ۾ توهانجي اردگرد جنن جا لشڪر گذرندا.انهن جون شڪليون عجيب و غريب هونديون.انهن کي ڏسي دڄجانءِ نه،سحري جي وقت جنن جو بادشاهه تون جي اڳيان حاضر ٿيندو۽ توکان تنهنجي حاجت پڇا ڪندو. ان کي چئجانءِ ،مون کي سيدنا عبدالقادر جيلاني رضي الله عنه بغداد کان موڪليو آهي. تو منهنجي ڌيءَ کي تلاش ڪر.ائين ئي مان ڪرخ جي ويراني ۾ هليو ويس ۽ حضور غوث اعظم جي ٻڌايل طريقي تي عمل ڪيو.رات جي انڌيري ۾ خوفناڪ جن منهنجي چوطرف گهمندا رهيا.جنن جون شڪليون ايتري قدر هيبتناڪ هيون جو ڏسي نه پئي سگهجن. سحري جي وقت جنن جو بادشاهه گهوڙي تي سوار آيوان جي اردگرد به جنن جو هجوم هيو.دائري کان ٻاهرئي ان مون کان حاجت پڇا ڪرائي.مان ٻڌايو ته مون کي حضور غوث اعظم سائين توهان ڏي موڪليو آهي.ايترو ٻڌڻ هيو جويڪدم هو پنهنجي گهوڙي تان لهي آيو۽ زمين تي ويهي رهيو.ٻيا سڀئي جن به دائري کان ٻاهر ويهي رهيا.مان پنهنجي ڌيءِ جي گمشدگيءَ جو واقعو ٻڌايو.ان سڀني جنن ۾ اعلان ڪيو ته ڇوڪري ڪير کڻي ويو آهي؟ ٿوري ئي ٽائيم ۾ جن هڪ چيني جن کي پڪڙي بطور ڏوهي حاضر ڪيو.جن جي بادشاهه ان کان پڇيو ته ”قطب وقت جي شهر مان تون ڪيئن ڇوڪري کنيي؟“هن ڏڪيندي چيو ته مان ان کي ڏسندي ئي ان تي فدا ٿي ويس.بادشاهه ان چيني جو سر قلم ڪرڻ جو حڪم ڪيو۽ مون کي پنهنجي ڌيءِ ڏني. مان جنن جي بادشاهه جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ماشآ الله توهان سيدنا غوث اعظم سائين جا وڏا چاهيندڙ آهيو. ان تي هن چيو ته ”خدا جو قسم! جڏهن حضور پاڪ رضي الله عنه اسانجي طرف نظر فرمائيندا آهن ته سڀئي جن ڏڪندا آهن. جڏهن الله تبارڪ وتعالي! ڪنهن وقت جي قطب جو تعين فرمائيندو آهي ته تمام جن ۽ انسان ان جي تابع ڪيا ويندا.

تهر تهراتي هين سڀهي جنات تيري نام سي،

هي ترا وه   دبدبه     يا غوث اعظم دستگير.

سگ مدينه محمد الياس ”عطار“ قادري عفي عنه جي آباڻي ڳوٺ ڪتيانه (انڊيا) جو هڪ واقعو ڪنهن ٻڌايو هيو ته اتي هڪ شخص رهندو هو جيڪو غوث اعظم جو بي حد ديوانو هيو.جيڪويارهين شريف وڏي اهتمام سان ملهائيندو هيو.هڪ خاص ڳالهه ان ۾ هي به هئي ته هو سيد سادات جي بي حد تعظيم ڪندو هيوننڍن ٻارڙن سيد زادن تي شفقت جو هي حال هيو جو انهن کي کڻي کڻي گهمائيندو هيو۽ انهن جي خدمت ۾ ڪا مٺي يا ٻي ڪا شيءِ پيش ڪندو هيو.هو گذاري ويو.ميت تي چادر وڌل هئي،سوگوار جمع ٿيل هيا ته اوچتو چادر هٽائيندي ديوانو اٿي کڙو ٿيو.ماڻهو گهٻرائيندي ڀڄڻ لڳا،ان پڪاريندي چيو ته ڊڄو نه،ٻڌو ته ! ماڻهو جڏهن ويجهو پهتا ته چوڻ لڳو ” اصل ۾ ڳالهه هيءَ آهي ته هاڻي هاڻي منهنجو يارهين وارو پيران پيردستگير،روشن ضمير،قطب رباني،محبوب سبحاني،غوث صمداني،قنديل نوراني،پير پيران،مير ميران الشيخ عبدالقادر جيلاني قدس سره الرباني تشريف کڻي آيا هئا.ان مون کي فرمايو ”اسان جو مريد ٿي ڪري بغير توبهه جي مري ويو! اٿي ۽ توبهه ڪر ڇڏ“.۽ مون ۾ روح واپس اچي ويو جيئن مان توبهه ڪري سگهان.ايترو چوڻ بعد ان غوث پاڪ جي ديواني پنهنجي تمام گناهن جي توبهه ڪئي ۽ ڪلمه پاڪ جو ورد ڪرڻ لڳو.اوچتو ئي وري ان جو چهرو هڪ طرف ٿيڻ لڳو۽ ان جو وصال ٿيو.حضور غوث پاڪ رضي الله عنه جي محبت ڪندڙ مريدن کي مبارڪ هجي ته سرڪار بغداد فرمائن ٿا ” منهنجو مريد ڀلي ڪيڏو به گهنگار هجي اهو ان وقت تائين نه مرندو جيستائين توبهه نه ڪري.“

آپ جيسا پير هوتي ڪيا غرض  در در پهرون،

آپ سي سب ڪڇهه ملا يا غوث اعظم دستگير.

اسان جا غوث اعظم مادر زاد ولي هيا. جڏهن ماءُ جي پيٽ ۾ هيا ته ماءُ کي نڇ ايندي هئي ته هو الحمد الله چوندي هئي ته غوث پاڪ جواب ۾ يرحمڪ الله چوندا هئا.پاڻ پهرين رمضان المبارڪ بروز سومر صبح صادق جي وقت دنيا ۾ آيا ان وقت چپ مبارڪ حرڪت ڪري رهيا هئا ۽ الله ،الله جو آواز اچي رهيو هو.جنهن ڏينهن غوث پاڪ جي ولادت ٿي ته انهيءَ ڏينهن ئي جيلان شريف ۾ يارهن سو ٻارڙن جو جنم ٿيواهي سڀئي ڇوڪرا هئا ۽ سڀ ولي الله بڻيا.غوث پاڪ رحمت الله عليه پيدا ٿيندي ئي روزو رکي ڇڏيو۽ جڏهن سموري ڏينهن گذرڻ بعدسج لهي ويوان وقت امڙ جو کير پيتو.سڄو مهينو سندن جو اهو ئي معمول رهيو.5 سالن جي عمر ۾ جڏهن پهريون دفعو بسم الله پڙهڻ جي رسم جي لاءِ ڪنهن بزرگ وٽ ويٺا ته اعوذ ۽ بسم الله پڙهندي سوره فاتحه ۽ الم کان ويندي 18 سيپارا پڙهندي ٻڌايا . ان بزرگ چيو ته ،پٽ وڌيڪ به پڙهه ! فرمايو ويو ته مون کي ايترو ئي ياد آهي.ڇو ته منهنجي ماءُ کي به ايترو ئي ياد هيو.جڏهن مان پنهنجي ماءُ جي پيٽ ۾ هيس ته ان وقت هوءَ پڙهندي هئي.مان ٻڌندي ياد ڪري ڇڏيو هيو.ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو ڪرامات اولياءَ الله جي معاملي ۾ شيطاني وسوسن ۾ اچي ڪري الله وارن جون ڪرامتون پنهنجي عقل سان تورڻ لڳندو آهي۽ ائين گمراهه ٿي ويندو آهي.ياد رکيو وڃي ته ڪرامت چيو ئي ان ڳالهه کي آهي جيڪا  ظاهري طرح ناممڪن هجي پر الله جي عطا سان اولياءِ الله ڪاملين کان اهڙيون ڳالهيون ڪنهن وقت صادر ٿي وينديون آهن.

عقل ڪو تنقيد سي فرصت نهين،

عشق پر اعمال    ڪي   بنياد رک.

دور حاضر جو سڀ کان وڏو سائنسدان آئن اسٽائن چئي ويو آهي ته ”مان ريڊيو،دوربين جي ذريعي هڪ اهڙو ڪهڪشان ته ڏسي ڇڏيو آهي جيڪو زمين کان ٻه ڪروڙ نوي سال پري آهي يعني روشني جيڪا في سيڪنڊ هڪ لک ڇهاسي هزار ميل طي ڪندي آهي اتي ٻه ڪروڙ سالن ۾ پهچندي پر جيستائين ڪائنات  جون سرحدون معلوم ڪرڻ جو تعلق آهي. جيڪڏهن منهنجي عمر ملين يعني ڏهه لک سال به ٿي وڃن تڏهن به دريافت نٿو ڪري سگهجي“.سائنسدان جي برعڪس الله سائين جي ولي حضور غوث اعظم رحمت الله عليه جي نظر جي عظمت ڏسو سائين جن فرمائن ٿا ته ترجمو.يعني الله پاڪ جا سڀئي شهر منهنجي نظر ۾ اهڙي طرح آهن جيئن هٿ تي چانورن جا داڻا هجن“.

تري هاٿ مين، هاٿ مين ني ديا هي،

تري هاٿ هي،  لاج يا غوث اعظم .

قادري ڪر، قادري رک، قادريون مين اٽها،

قدر عبدالقادر    ،قدرت نما ڪي واسطي.

ياد رکڻ کپي ته يارهين ٻارهين جن تنهنجي ڪئي رزق ۾ برڪت تن کي پئي آهي۽ پوري دنيا جي اندر سيدنا غوث پاڪ دستگير بادشاهه پير جوقادري سلسلو جيڪو سيدنا علي المرتضي! شير خدا رضي الله عنه کان جاري آهي ان غوث پاڪ جو فيضان نه رڳو قادري سلسلي وارن لاءِ آهي پر سندن جو ڪامل فيض سڀني سلسلن چشتي،سهروردي توڙي نقشبندي سلسلي لاءِ به يڪجاءَ آهي ۽ سڄي دنيا ۾ قادري سلسلو غوث پاڪ جي حوالي سان عاشقان رسول جماعت لاءِ آٿت ۽ قرب جو ذريعو آهي.انٽر نيشنل سطح تي دعوت اسلاميءَ جا امير علامه محمد الياس ”عطار“قادري پنهنجي اصلاحي نيڪيءَ جي دعوت کي عام ڪندڙ دعوت اسلامي جي پليٽ فارم تان قادري فيضان کي اعلي حضرت امام احمد رضا خان فاضل بريلوي رحمت الله عليه جي نقش قدم مطابق جاري و ساري ڪري رهيا آهن.

گو ذليل وخوار هون،بدڪار و بدڪردار هون،

آپ ڪا هون،آپ ڪا يا غوث اعظم دستگير .

*****

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *