سپر اسٽارز جي گرل فرينڊز جي چوڻ تي مون کي فلمن مان ڪڍيو ويو: پريانڪا چوپڙا

ممبئي (شوبز نيوز) ناليواري ڀارتي اداڪارا پرينڪا چوپڙا چيو آهي ته آئون پنهنجي ڪيريئر دوران ڪيترائي ڀيرا طاقت جي نشي جو شڪار بڻي آهيان ۽ ڪيترائي ڀيرا مون کي سپر اسٽارز جي گرل فرينڊز جي چوڻ تي فلمن مان پڻ ڪڍيو ويو آهي. بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته هن پنهنجي زندگي ۾ اهڙي صورتحال کي به منهن ڏنو آهي جڏهن کيس ڪنهن جي چوڻ تي فلم مان ٻاهر ڪڍيو ويو هو. جنهن جي چوڻ يا سفارش تي مون کي ٻاهر ڪڍيو ويو هو ممڪن آهي ته اها هيرو يا هدايتڪار جي گرل فرينڊ هئي ۽ ان جي چوڻ تي مون کي ان وقت ٻاهر ڪڍيو ويو جڏهن آئون فلم سائن ڪري چڪي هئس ۽ آئون ڪجهه به نه ڪري سگھيس. مون کي فلم مان ان حالتن ۾ ٻاهر ڪڍيو ويو جڏهن آئون طاقتور ماڻهن جون خواهشون پوريون نه ڪري سگھيس. پريانڪا چوپڙا چيو ته هر ملڪ جون پنهنجون ثقافتي حدون هونديون آهن، هالي ووڊ اداڪارا ميريل اسٽريپ آمريڪا جي صدر ۽ بااثر ماڻهن خلاف آواز اُٿاريو ۽ هن پنهنجي گھر ٻاهران ٽرمپ جون مخالف شيون وڪڻڻ شروع ڪري ڇڏيون اسان جي ۽ ان جي سوچ ۾ گھڻو فرق آهي ۽ اسان کي ميريل اسٽريپ جي ان قدم کي ساراهڻ گھرجي. اداڪارا مستقبل جي حوالي سان اُميد ظاهر ڪندي چيو ته اسان جو نئون نسل جڏهن عورتن جي عزت ڪرڻ شروع ڪندو ته صورتحال تبديل ٿي ويندي. پريانڪا وڌيڪ چيو ته آئون عورتن کي متاثرين نه سمجهندي آهيان پر کين باهمت عورت جي روپ ۾ ڏسندي آهيان جيڪي پنهنجي هٿان ٿيندڙ ناانصافين باوجود زندگي ۾ اڳتي وڌنديون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *