ورلڊ ڪپ ٽيم مان ڊراپ ٿيڻ تي ڀارتي ڪرڪيٽر جو رٽائرمينٽ جو فيصلو

 

نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) ورلد ڪپ اسڪواڊ ۾ ڊراپ ڪرڻ تي ڀارتي بئٽسمين امباتي رائيڊو ڪرڪيٽ مان رٽائرمينٽ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب امباتي رائيڊو ڪرڪيٽ بورڊ کي اي ميل ذريعي ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ مان رٽائرمينٽ واري فيصلي کان آگاهه ڪيو.امباتي رائيڊو ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2019 جي اسڪواڊ ۾ جاءِ نه ٺاهي سگهيو هو، جنهن تي هن دلبرداشته ٿي رٽائرمينٽ جو فيصلو ڪيو. امباتي رائيڊو رٽائرمينٽ جو ڪو سبب ته ناهي ٻڌايو ته هن سمورن ڪپتانن جا ٿورا مڃيا آهن، جن جي نگراني ۾ هو ٽيم جو حصو ٿيو. ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2019 جي ٽيم جي چونڊ جي موععي تي ڀارتي ٽيم سليڪشن ڪاميٽي 33 سالن جي رائيڊو تي آل رائونڊر وجي شنڪر ۽ اوپنر مايانگ اگر وال کي ترجيح ڏني هئي. رائيڊو سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪندي چيو هو ته ورلڊ ڪپ ڏسڻ لاءِ ٿري ڊي گلاسز گهرايا آهن.امباتي رائيڊو ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ ڀارتي ٽيم جي نمائندگي ڪري چڪو آهي، هن 55 ون ڊي ميچز ۾ 3 سينچريون ۽ 10 ففٽين جي مدد سان 47.15 جي اوسط سان هڪ هزار 694 رنز ٺاهيون. ڀارتي بئٽسمين جو ٽي ٽوئنٽي ڪيريئر به 6 ميچز تي ٻڌل هو ۽ محدود طر جي ڪرڪيٽ م سندس مجموعي اسڪور 46 آهي. رائيوڊ 24 جولاءِ 2013 تي زمبابوي خلاف ڊيبيو ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *