انصاف جي فراهمي ۾ تڪڙ انصاف کي دفن ڪرڻ برابر آهي: چيف جسٽس

لاهور( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته آئين ۾ بنيادي حق سمورن شهرين لاءِ آهن ۽ هر شهري لاءِ قانون برابر آهي. لاهور ۾ ويمن ججز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي خوشقسمتي سان آئين لکت جي صورت ۾ موجود آهي، ججز فيصلا ڪرڻ وقت قانون کي نظر ۾ رکڻ جا پابند آهن، ائيني جنسي فرق کانسواءِ هر شهري کي برابر جا حق ڏيڻ جو ضامن آهي. هن چيو ته انصاف جي فرهامي ۾ تڪڙ انصاف کي دفن ڪرڻ برابر آهي، ڪو به جج قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانسواءِ فيصلا نه ڪندو آهي،  ڪنهن به جج کي غلط طريقا هلائي فيصلا ڪرڻ جو اختيار ناهي. سندس چوڻ هو ته جج طور اسان هر شهري کي فوري ۽ معياري انصاف فراهم ڪرڻ جا پابند آهيون تنهن ڪري اسان جو هر قدم قانون جي حڪمراني لاءِ هئڻ گهرجي ۽ جج کي ڪيس بابت قانون تي مڪمل عمل عبور هئڻ گهرجي. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته اسان ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني چاهيون ٿا، ججن لاءِ ضروري آهي ته هو قانون کان آگاهه هجن، درست فيصلن لاءِ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻايو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *