ڪرم ايجنسي ۾ بارودي مواد جو ڌماڪو، ڪيپٽن سوڌو 4 اهلڪار شهيد

ڪرم ايجنسي (ويب ڊيسڪ): آءِ ايس پي آر موجب ڪرم ايجنسي جي سرحدي علائقي خرلاچي ۾ سرچ آپريشن دوران اڳواٽ نصب ٿيل بارودي مادو ڦاٽڻ سبب فوجي آفيسر سميت 4 اهلڪار شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا، آءِ ايس پي آر موجب شهيد ۽ زخمي ٿيندڙ اهلڪار ڪرم ايجنسي مان پرڏيهين جي بازيابيءَ بعد اتي اغوا ڪندڙن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن ٽيم جو حصو هيا، آءِ ايس پي آر موجب شهيد فوجي جوانن ۾ ڪيپٽن حسنين، سپاهي سعيد باز، سپاهي قادر ۽ سپاهي جمعه خان جڏهن ته زخمين ۾ نائيڪ انور، سپاهي ظاهر ۽ لانس نائيڪ شير افضل شامل آهن، خيال رهي ته ٻه ڏينهن اڳ پاڪ فوج آمريڪي انٽيلي جنس جي بنياد تي ڪرم ايجنسي ۾ ڪامياب آپريشن ڪري ڪينيڊين خاندان کي بازياب ڪرايو هيو، پوليٽيڪل عملدارن موجب باروي ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ فوجي جوانن جي جنازي نماز ايف سي گرائونڊ ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن بعد مڙهه انهن جي اباڻن علائقن ڏانهن اماڻيا ويا، پوليٽيڪل عملدار موجب شهيدن جي جنازي نماز ۾ ڪور ڪمانڊر پشاور نذير احمد بٽ، جي او سي ميجر جنرل اطهر عباسي، برگيڊيئر عليم اختر، پوليٽيڪل ايجنٽ بصير خان ۽ سول انتظاميا جي آفيسرن شرڪت ڪئي، پوليٽيڪل عملدارن جو چوڻ آهي ته ڌماڪا افغان پوليس چيڪ پوسٽ کيوڙه کان 100 ميٽر جي مفاصلي تي ٿيا، جڏهن ته ڌماڪن بعد پاڪ افغان خرلاچي سرحد بند ڪئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *