انصار اسلام تي پابندي جو حڪومتي فيصلو رد، ڏاڍ نه هلندو، هڪ انچ به پوئتي هٽڻ نه چاهينداسين: مولا نا فضل الرحمان

لاڙڪاڻو (اين اين آءِ) جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل رحمان چيو آهي ته آزادي مارچ انشاالله مقرر ڪيل وقت تي شروع ٿيندو، 31 آڪٽومبر تي اسلام آباد ۾ داخل ٿيندو، انصار اسلام تي پابندي جو حڪومتي فيصلو رد ڪريون ٿا، ان تي عمل نه ڪنداسين، صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته وفاقي حڪومت هٿ ڪنڊا استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، اسان جي اڳواڻن جي گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، ايتري ۾ هڪ انچ به پوئتي هٽڻ نه چاهينداسين، مولانا فضل رحمان چيو ته اسان سان ان جي ابتڙ واعدو ڪيو ويو هو، اسلام آباد ۾ دڪاندارن کي چيو پيو وڃي ته انهن سان ڪنهن قسم جو ڪاروبار ناهي ڪرڻو، هن چيو ته جي يو آءِ جي ماتحت تنظيم تي پابندي جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو آهي، انصار اسلام جميعت جو اهم شعبو آهي، حڪومت جو پابندي وارو فيصلو رد ڪريون ٿا، هن چيو ته ميڊيا تي انصار اسلام جي فوٽيج هلائي پئي وڃي اها پشاور جي آهي ان جي اجازت ڊي سي ڏني، رضاڪارن کي روڪيندڙ ايڏي بزدل حڪومت اڄ تائين ناهي ڏٺي، هن چيو ته وزيراعظم جون پنهنجون آف شور ڪمپنيون آهن، هو ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، وزيراعظم پنهنجن ڀينرن بابت ڇا ٿو چوي ايڏي اگهاڙي حڪومت ڪڏهن به ناهي ڏٺي، مڙهيل حڪومت جي پاليسين سان وڙهنداسين، مولانا چيو ته هي اسيمبلي جعلي آهي، عالمي رپورٽ موجب هن حڪومت ۾ ڪرپشن ۾ واڌ ٿي، رهبر ڪميٽي کي هدايت ڪئي آهي ته حڪومت سان ڳالهين کي ڊيگهه نه ڏني وڃي ان سان مارچ متاثر ٿي سگهي ٿو، حڪومت اڳيان چارٽر آف ڊيمانڊ واضح ڪيو وڃي ۽ ٻڌايو وڃي ته وزيراعظم جي استعيفيٰ تان پوئتي نه هٽيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *