گهرو وزارت جمعيت علماءِ اسلما ف جي ذيلي تنظيم ” انصار الاسلام“ تي پابندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت جمعيت علماءِ اسلما ف جي ذيلي تنظيم ” انصار الاسلام“ تي پابندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. گهرو وزارت جي نوٽيفڪيشن موجب خانگي ملٽري گروپ جو قيام آئين جي آرٽيڪل 256 جي ڀڃڪڙي آهي ۽ جي يو آءِ (ف) جي انصار الاسلام فورس قانون جي ڀڃڪڙي جو سبب بڻجي سگهي ٿي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته گهرو وزارت ان سبب تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي منظوري کان پوءِ انصاف الاسلام تي پابندي لاڳو ڪري رهي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ صوبن کي اِها هدايت به ڪئي وئي آهي ته ملٽري گروپ جي خلاف ڪارروائي ڪيو. واضح رهي ته ٽي ڏينهن اڳ وفاقي حڪومت جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي تنظيم انصار الاسلام تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي هئي. ڪابينا ڊويزن جي ذريعن موجب وفاقي ڪابينا انصار الاسلام تي پابندي جي منظوري ڏني ۽ ڪابينا ميمبرن کان تنظيم تي پابندي جي منظوري سرڪيوليشن ذريعي ورتي وئي. ان کان اڳ گهرو وزارت طرفان وفاقي ڪابينا کي موڪليل سمري ۾ چيو ويو هو ته آرٽيڪل 256 ۽ 1974ع ايڪٽ جي سيڪشن 2 جي تحت انصار الاسلام تي پابندي لاڳو ڪئي ويندي ۽ ڳالهين کان پوءِ وفاقي حڪومت، گهرو وزارت جي ذريعي صوبن کي انصار الاسلام جي خلاف ڪارروائي جو اختيار ڏيندي. وفاقي حڪومت جي هدايت تي مڪمل عملدرآمد جي لاءِ صوبن کي هر قسم جي ڪارروائي جو اختيار هوندو ۽ سموري صورتحآل کي منهن ڏنو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *