انجلي پٽيل کي ڪاري رنگ سبب مک ڪردارن کان محروم رکيو ويو

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ فلم نيوٽن ذريعي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي فني صلاحيتن کي تسليم ڪرائيندڙ اداڪارا انجلي پٽيل بابت انڪشاف ٿيو آهي ته هوءَ انڊسٽري اندر ڪاري رنگ سبب مک ڪردار ماڻڻ کان محروم رکي وئي آهي. ميڊيا جي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته انجلي پٽيل کي فلم ميڪرز هن وقت تائين صرف خانه بدوش ڇوڪرين جي ڪردارن لاءِ آڇ ڪئي آهي. جڏهن ته انجلي انتهائي باصلاحيت اداڪارا آهي، تنهنڪري سوال اهيو آهي ته کيس مخصوص ڪردارن جي ٿيندڙ آڇ ساڻس غلط ورتاءُ آهي يا ان ڳالهه ۾ ڪا ٻي ڪهاڻي لڪل آهي. ان حوالي سان انجلي وڊيو انٽرويو ۾ چيو آهي ته ڪاري رنگ سبب فلم ميڪرز مون کي گليمر وارا ڪردار نٿا ڏين. هن جو چوڻ آهي ته مون کي چيو ويندو آهي ته تون صرف خانه بدوش ڪردارن لاءِ ئي بهتر آهين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *