پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ سيريز جي ٻي ميچ اڄ 16 آڪٽوبر تي ابو ظهبي ۾  کيڏي ويندي

ابو ظهبي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ سري لنڪا جي وچ ۾ 5 ون ڊي عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز  جي ٻي ميچ اڄ 16 آڪٽوبر تي ابو ظهبي ۾  کيڏي ويندي، پاڪستان کي سري لنڪا جي خلاف سيريز ۾ 1.0 جي سرسري حآصل آهي، شيڊول موجب ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ ٽين ميچ 18 آڪٽوبر تي ابو ظهبي ۾ کيڌي ويندي، چوٿين ميچ 20 آڪٽوبر تي شارجه ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته پنجين ۽ آخري ميڇ 23 آڪٽوبر شارجه ۾ کيڏي ويندي، انهي کانپوءِ بنهي ٽيمن ۾ ٽن ٽي ٽوينٽي ڪرڪيٽ ميچن  تي ٻڌل سيريز جي  پهرين ميچ 26 آڪٽوبر تي ابو ظهبي ۾ کيڏي ويندي، ٻي ميچ 27 آڪٽوبر تي ابوظهبي ۾ ، جڏهن ته ٽين  ۽ آخري ميچ 29 آڪٽوبر تي قذافي اسٽيڊيم  ۾ لاهور ۾ کيڏي ويندي، پاڪستان پهرين   ون ڊي ميچ ۾ سري لنڪا کي 83 رنسن تا شڪست  ڏني آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *