موسيقي ۽ اسڪرپٽ جي شعبن کي ترقي وٺرائڻ جي ضرورت آهي: نديم

لاهور(شوبز نيوز)مشهور اداڪار نديم چيو آهي ته فلمن ۾ موسيقي ۽ اسڪرپٽ جي شعبن کي ترقي ڏيڻ جي ضرورت آهي. اسان جي فلمي موسيقي ۽ اسڪرپٽ بحران جي ور چڙهيل آهي، جنهن ۾ بهتري جي سخت ضرورت آهي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته ماضي ۾ اسان جي سريلن گانن جي مقبوليت سبب به فلمون ڪامياب ٿينديون هيون پر اڄڪلهه جي فلمن جي گانن ۾ اها ڳالهه ناهي، ان کانسواءِ فلمن جي ڪهاڻين ۾ به بهتري ۽ تبديلي جي ضرورت آهي. نديم چيو ته نون با صلاحيت ماڻهن مان اميد آهي ته اهي سٺو ڪم ڪري فلمسازي کي مضبوط ڪندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *