انتهاپسندن جون ڌمڪيون، عمران خان قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀارت ۾ ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت جي مخالفت ڪري ڇڏي

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀارت ۾ ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته وزيراعليٰ هماچل پرديش جي بيان کان پوءِ پاڪستاني ٽيم کي ڀارت ۾ خطرو آهي پاڪستاني ٽيم کي ڀارت نه وڃڻ گهرجي، مصطفي ڪمال پاران لڳايل الزام سنجيده آهن ايم ڪيو ايم تي را کان فنڊنگ وٺڻ جي جاچ ٿيڻ گهرجي. ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ڀارتي انتهاپسندن جي ڌمڪين کانپوءِ رياست جي وزيراعليٰ جو بيان غيرذميواراڻو آهي جيڪڏهن پاڪستاني ٽيم ڀارت وئي ته مان به ويندس، عمران خان چيو ته ڀارت ۾ سياستدان نفرت پکيڙي پنهنجي سياست چمڪائي رهيا آهن. عمران خان چيو ته هماچل پرديش جي وزيراعليٰ جو بيان مهمان نوازي جي گهرجن جي خلاف آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *