مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني کي ڏسي،ٻڌي ۽ سمجهي رهيو آهيان:ڊاڪٽر عشرت العباد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد جو چوڻ آهي ته مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني جي باري ۾ هن وقت ڪجهه به نه ٿو چئي سگهان،هاڻي ته انهن کي ڏسي،ٻڌي ۽ سمجهي رهيو آهيان.عباسي شهيد اسپتال ٻاهريا ميڊيا سان ڳالهائيندي  سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد جو چوڻ هو ته مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني بابت ڪجهه به ڳالهائڻ وقت کان پهرين هو ندو،هن وقت مان انهن کي ٻڌي،ڏسي ۽ سمجهي رهيو آهيان،پر موجودا سياسي صورتحالي تي نظر وجهي رهيو آهيان،وفاقي گهرو وزير چٽي ڳالهه ڪري ڇڏي آهي.عشرت العباد جو چوڻ هو ته صوبائي حڪومت،مڪاني نمائندن جي ڪم ۾ مداخلت ۽ سياست نه ٿو ڪيان،ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي،پر انتظامي معاملن ۾ بهتري جي ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *