هميشه اسٽيبلشمينٽ جو مقابلو ڪيو، وڏين قربانين باوجود جهڪيا ناهيون: پيپلز پارٽي

ملير(ناز شر) پيپلز پارٽي جي اڳوڻي ايم پي اي عبدالله مراد جي 12 ورسي جي موقعي تي ڄام ڳوٺ ملير ۾ پي پي پاران عام جلسو منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن سينيٽر سعيد غني، نجمي عالم، وقار مهدي، راشد رباني، سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن جاويد ناگوري، ساجد جوکيو، شاهينا شير علي، شمع مٺاڻي کان علاوه پي پي ملير جي صدر راجا رزاق بلوچ، مرتضيٰ بلوچ، سلمان عبدالله مراد، نعمان عبدالله مراد، امان مسعود، خواجا محمد اعواڻ، عديل اختر شيخ، سردار اختر عارفاڻي، نذير احمد ڀٽو ۽ پي پي جي مختلف يونين ڪائونسلن مان چونڊيل نمائندن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جلسي کي خطاب ڪندي سينيٽ ۾ پيپلز پارٽي جي پارلياماني اڳواڻ سينييٽر سعيد غني چيو ته پيپلز پارٽي هميشه اسٽيبلشمينٽ جو مقابلو ڪيو آهي ۽ ايترين وڏين قربانين باوجود اسٽيبلشمينٽ اڳيان نه جهڪيا آهيون ۽ هاڻي به واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته جيڪي قوتون بينظير ڀٽو کي شهيد ڪرڻ کانپوءِ آصف زرداري جي پٺيان لڳل آهن انهن کي ياد رکڻ گهرجي ته پيپلز پارٽي ظالمن ۽ آمرن جو مقابلو ڪيو آهي. انهن اڳيان ڪنهن به صورت ۾ نه جهڪندي. هن چيو ته آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو پنهنجي مرضي سان ملڪ کان ٻاهر ويندا آهن ۽ پنهنجي مرضي سان ئي ملڪ واپس ايندا آهن. انهن کي ڪنهن کان به پاڪستان اچڻ ۽ وڃڻ جي اجازت وٺڻ جي ضرورت نه آهي. هي ملڪ اسان جو ملڪ آهي اسان ڪنهن جي به ڊڪٽيشن تي نه هلنداسين. هن چيو ته سپريم ڪورٽ تي حملو ڪندڙ، طالبان جي حمايت ڪندڙ ۽ فوج خلاف ڳالهائيندڙن خلاف ته ڪا به ڪاروائي نه ٿيندي آهي پر آصف زرداري جيڪڏهن حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪندو آهي ته ان سان آسمان ٽٽي پوندو آهي. انهن قوتن کي ياد رکڻ گهرجي ته آصف زرداري هن ملڪ جو وفادار آهي. هن چيو ته دهشتگردي ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان پيپلز پارٽي کي رسيو آهي. پيپلز پارٽي ڪڏهن به ڪراچي آپريشن جي مخالفت نه ڪئي آهي. جيڪڏهن ڪراچي ۾ امن ٿيندو ته ان جو وڌيڪ فائدو پيپلز پارٽي کي ٿيندو. پيپلز پارٽي جڏهن پنهنجي حڪومت ۾ وزير ستان ۾ آپريشن شروع ڪيو ته چوڌري نثار سخت مخالفت ڪئي ۽ عمران خان به طالبان جي حمايت ۾ نڪري آيو. ان باوجود دهشتگردي خلاف آپريشن جاري رکيوسين ۽ اسان مٿان دهشتگردي جا ڪوڙا الزام لڳايا پيا وڃن. هن چيو ته احتساب عدالتن جو به مقابلو آصف زرداري ڪيو آهي. جڏهن ته نواز شريف ۽ سندس قيادت ڪڏهن به احتساب عدالتن جو مقابلو نه ڪيو آهي. ان ڪري پيپلز پارٽي احتساب کان نه ٿي ڊڄي. هن چيو ته وفاقي حڪومت اسٽيل مل جي گئس بند ڪري ان کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ پي آءِ اي کي ٺيڪ ڪرڻ چاهن نه ٿا. پر اسان واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته قومي ادارن جي نجڪاري ٿيڻ نه ڏينداسين. جلسي کي خطاب ڪندي پي پي ڪراچي ڊويزن جي صدر نجمي عالم چيو ته عدليه جڏهن مشرف کي وردي سميت حڪومت ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿي ته ان وقت عدليه جو ڪردار جانبدار هوندو آهي. ۽ پيپلز پارٽي خلاف سدائين فيصلا ڏنا آهن. اسان احتساب کان ڊڄڻ وارا نه آهيون 77ع کان وٺي پيپلز پارٽي جو احتساب ڪيو ويو آهي. پر تنهن باوجود جمهوريت خاطر اهڙن ڪوڙن احتسابن جو مقابلو ڪيو آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ به جمهوريت لاءِ قربانيون ڏينداسين. هن چيو ته نيب جڏهن ميان منشا ۾ هٿ وڌا آهن ته نواز شريف جون رڙيون نڪري ويون آهن ۽ کيس بچائڻ لاءِ ن ليگ نيب جي مخالفت ڪري رهي آهي. تقريب کي اڳوڻي صوبائي وزير جاويد ناگوري خطاب ڪندي چيو ته گٽرن جي سياست ڪري پنهنجو پاڻ کي چمڪائڻ لاءِ ڪجهه قوتون ڊرامي بازي ڪري رهيون آهن ۽ اسان جي اڳواڻن جا فوٽو گٽرن تي لڳائي هڪ سازش تيار ڪئي پئي وڃي پر اهڙين سازشن جو مقابلو ضرور ڪنداسين. تقريب کي خطاب ڪندي ايم پي اي ساجد جوکيو چيو ته ملير اندر پيپلز پارٽي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ سان گڏو گڏ ترقياتي منصوبن جا ڄار وڇائي ڇڏيا آهن ۽ اسان جي ترقياتي منصوبن تي ن ليگ جو ايم اين اي پنهنجون تختيون لڳائي ان جا افتتاح ڪري رهيو آهي. پر ملير جو عوام پي پي سان گڏ آهي. تقريب جي آخر ۾ شهيد عبدالله مراد ۽ ملير جي ٻين شهيدن لاءِ خصوصي دعا ڪرائي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *