انتقامي ڪارروائي نه ڪرڻ جو اعلان، عوام جي ٽيڪس جي پيسن جي حفاظت ڪندس: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته 22 سالن جي جدوجهد کانپوءِ الله مون کي پنهنجا خواب پورا ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي،ا سان جي حڪومت احتساب مونکان شروع ٿيندو، ان کانپوءِ منهنجي وزيرن جي احتساب ٿيندو، قانون جي بالادستي قائم ڪنداسين، ڪنهن کي سياسي انتقام جو نشانو نه بڻائينداسين، سموريون پاليسيون غريب طبقي لاءِ جوڙينداسين، ملڪ کي ائين هلائينداسين جو اڳ ڪڏهن ڪنهن نه هلايو هوندو، ثابت ڪري ڏيکاريندس ته اسان گورننس بهتر ڪري سگهون ٿا، سادگي قائم، خرچ گهٽائينداسين ۽ پيسو انسانن جي فلاح تي خرچ ڪنداسين، ٽيڪس ڪلچر ٺيڪ، اينٽي ڪرپشن، ايف بي آر ۽ نيب کي مضبوط ڪنداسين، پيداوار وڌائڻ لاءِ هارين جي مدد ڪنداسين، سمورون پيسو انساني ترقي تي خرچ ڪنداسين، عوام سان واعدو ڪريان ٿو ته سندن ٽيڪس جي پيسي جي حفاظت ڪندس، وزيراعظم هائوس هڪ وڏو محل آهي ان ۾ رهڻ منهنجا لاءِ شرم جي ڳالهه هوندي، ٿيندڙ چونڊون تاريخي هيون، ماڻهن قربانيون ڏنيون سيڪيورٽي اهلڪارن پنهنجون جانيون ڏنيون، عوام جي ٽيڪس جي پيسن تي عياشيون ڪرڻ جي روايت تبديل ڪندس، اسان کي پاڻ انهن مسئلن مان نڪرڻو پوندو، ڪير ٻاهران اچي اسان کي نه ڪڍندو، پرڏيهي پاليسين تي ڌيان ڏينداسين، چين ۽ ايران سان لاڳاپا وڌيڪ بهتر ڪنداسين، افغانستان سان اهڙا لاڳاپا چاهيون ٿو جو سرحدون کليل هجن، پاڪ آمريڪا لاڳاپن سان ٻنهي ملڪن کي فائدو ٿئي، وچ اوڀر ۾ ويڙهاند ختم ڪرڻ ۾ ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ڀارت ۽ پاڪستان جا لاڳاپا بهتر ٿيڻ گهرجن، ٻنهي ملڪن ۾ واپار وڌڻ گهرجي ان سان ٻنهي ملڪن کي فائدو ٿيندو، ڪشميرين پنهنجي آزادي لاءِ وڌ ۾ وڌ جانيون قربانيون ڏنيون آهن، ڪوشش هئڻ گهرجي ته ڪشمير جو مسئلو ميز تي ويهي هلون ڪيون، هن چيو ته الزام لڳندا رهيا ته مسئلو حل نه ٿيندو، ڀارت ڳالهين لاءِ تيار آهي ته اسان به آهيون، ڀارت هڪ وک اڳتي کڻندو ته اسان 2 وکون اڳتي کڻنداسين، هيءَ پاڪستان جي شفاف چونڊ ٿي آهي، اپوزيشن جا خدشا ان سان گڏجي ويهي ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، عام چونڊن ۾ پنهنجي پارٽي جي واضح سرسي کانپوءِ خميس تي بني گالا مان پهريون خطاب ڪندي عمران خان چيو ته مان 1996 ۾ جدوجهد شروع ڪئي، االله جو شڪر ادا ڪريان ٿو جنهن مون کي هن مقام تي پهچايو، هن چيو ته چاهيان ته آرام سان زندگي گذاري پئي سگهيس، سياست ۾ ان لاءِ آيس ته مان پاڪستان کي مٿي ويندي ۽ هيٺ ايندي ڏٺو، هتي ڪرپشن ۽ گورننس جو نظام بهتر نه هو، پاڪستان کي قائد اعظم جو پاڪستان ٺاهڻ چاهيو پيو، هن چيو ته بلوچستان جي ماڻهن کي جس ڏيان ٿو جو اهي دهشتگردي جي باوجود ووٽ ڏيڻ لاءِ ٻاهر نڪتا، اتي اڪرم الله گنڊاپور ۽ هارون بلور آپگهاتي حملن ۾ شهيد ٿيا، سخت گرمي ۾ چونڊن ۾ حصو وٺندڙن کي مبارڪ ڏيان ٿو، هن چيو ته چونڊ اميدوارن سميت سيڪيورٽي اهلڪارن لاءِ اليڪشن عمل لاءِ قربانيون ڏنيون جنهن تي کين خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، هن چيو ته مان جنهن شخصيتن کان متاثر آهيان اهو نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم آهي، پاڻ سڳورن انسانيت جو اهڙو نظام لاڳو ڪيو جنهن جو مثال دنيا ۾ نٿو ملي، هن چيو ته مان پاڪستان کي اهڙي فلاحي رياست بڻائڻ چاهيان ٿو جيئن اسان نبي ڪريم صلم بڻائي هئي، پر اسان جي رياست ۾ اهو نظام ابتو آهي جتي اڌ کان وڌيڪ آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي، هن چيو ته هتي جنهن جي لٺ ان جي مينهن وارو نظام آهي، غريب هاري محنت ڪري ٿو پر ان کي پيسو نٿو ملي ته جيئن اهو پنهنجي ٻارڙن کي خوراڪ ڏئي سگهي، 45 سيڪڙو ٻارڙا بيمارين سبب واڌ ويجهه نٿا ڪري سگهن، اڍائي ڪروڙ پاڪستاني ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، ايتري ته ڪيترن ئي ملڪن جي آبادي به نه آهي، هن چيو ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ اسان جون عورتون ويم دوران فوت ٿين ٿيون، پيئڻ جو صاف پاڻي نه ملڻ سبب دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پاڪستاني ٻارڙا فوت ٿين ٿا، هن چيو ته اقتدار ۾ اچي منشور تي عمل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، هن چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته سڀ کان وڌيڪ پيسو انساني ترقي تي خرچ ٿئي، ڇو ته ڪو به ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي جتي هڪ ننڍڙو ٻيٽ اميرن جو هجي ۽ غريبن جو سمنڊ هجي، مديني جي رياست پهرين فلاحي رياست هئي جتي اصول طئه ڪيا ويا هئا، جتي قانون جي نظر ۾ سڀ برابر هئا، ميرٽ جي بالادستي هئي، انصاف هو، هن چيو ته اسان به اهڙن ئي اصولن تي هلڻ جي ڪوشش ڪنداسين، هن چيو ته 3 سال مون تي وڌ ۾ وڌ ذاتي حملا ڪيا ويا پر سڀ ڪجهه وساري ويٺو آهيان، منهنجو مقصد منهنجي ذات کان وڏو آهي، هن چيو ته هيءَ پهرين حڪومت جيڪا سياسي مخالف جي خلاف انتقامي ڪارروائي نه ڪندي، عمران خان چيو ته جيڪو ملڪ جي قانون خلاف ڪم ڪندو ان جي خلاف ايڪشن ڪنداسين، هتي قانون ننڍي وڏي لاءِ هڪجهڙو هوندو، جيڪڏهن اسان جو ڪو ماڻهو غلط ڪم ڪنداسين ان جي خلاف به ڪارروائي ڪنداسين، هن چيو ته اهڙا مضبوط ادارا ٺاهينداسين جيڪي ڪرپشن کي روڪيندا، هن چيو ته احتساب مون کان شروع ٿيندو، پوءِ منهنجي وزيرن جو احتساب ٿيندو، صرف اپوزيشن جو احتساب نه ٿيندو، هن چيو ته مثال قائم ڪنداسين ته قانون سڀني لاءِ هڪجهڙو هوندو، هن چيو ته اولهه ان ڪري اسان کي اڳتي آهي جو ان جو قانون ڪنهن سان فرق نٿو ڪري، انصاف جو نظام موجود آهي، هن چيو ته اسان ملڪ ۾ اهڙا ادارا قائم ڪنداسين جيڪي ملڪ جو گورننس سسٽم ٺيڪ ڪندا. هن چيو ته اسان جو سڀ کان وڏو اثاثو اورسيز پاڪستاني آهن، ملڪ ۾ گورننس ٺيڪ نه هئڻ ۽ ڪرپشن سبب سيڙپڪاري نٿي ٿئي، سيڙپڪار پنهنجو پيسو لڳائڻ بدران ٻاهر هليا وڃن ٿا، گورننس جو نظام ٺيڪ ڪري ٻاهرين ملڪ رهندڙ انويسٽرز کي ملڪ ۾ واپس آڻي کين سيڙپڪاري جو موقعو فراهم ڪنداسين. هن چيو ته وزيراعظم هائوس جو فيصلو حڪومت ڪندي ته ان لاءِ ڇا ڪرڻو آهي، سمورن گورنر هائوسز کي عوام جي استعمال لاءِ ڪتب آڻينداسين، ريسٽ هائوس کي ڪمرشل استعمال ڪنداسين، هن چيو ته بزنس ڪميونٽي سان گڏجي پاليسيون ٺاهڻيون پونديون ته جيئن ٽيڪس گڏ ٿئي ۽ نوڪريون پيدا ٿين، ٽيڪس ڪلچر ٺيڪ ڪنداسين، عوام جو ٽيڪس چوري نه ٿيندو، هن چيو ته موجوده اليڪشن ڪميشن پ پ ۽ ن ليگ گڏجي بڻايو هيو، اليڪشن ڪمشنر اسان جو نه آهي، نگران حڪومت سمورين سياسي پارٽين مشاورت سان ٺاهي هئي، 2013 ۾ ڌانڌلي جي ڳالهه ڪئي ته سمورين پارٽين مخالفت ڪئي هئي ڪنهن پارٽي کي ڪنهن به تڪ ۾ ڌانڌلي جي شڪايت آهي ته اسان تعاون ڪنداسين ۽ اهي تڪ کولرائينداسين، انهن سان گڏجي ڌانڌلي جي جاچ لاءِ تيار آهيون، هن چيو ته هيءَ پاڪستان جي شفاف چونڊ ٿي آهي، اپوزيشن جا خدشا ان سان گڏجي ويهي ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، هن چيو ته شفاف چونڊن تي قوم کي مبارڪ ڏيان ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *