چونڊن جا اڻپورا سرڪاري نتيجا..!

اليڪشن ڪميشن طرفان قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي ڪامياب اميدوارن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 53 اسلام آباد، اين اي 35 بنون، اين اي 95 ميانوالي، اين اي 243 ڪراچيءَ تان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي ڪاميابيءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي ان کي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙيءَ جي ڪيس جي حتمي فيصلي سان مشروط ڪيو آهي. اين اي 129 لاهور تان قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق جي ڪاميابيءَ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪندي ان کي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي جي حتمي فيصلي سان مشروط ڪيو ويو آهي. اين اي 25 نوشهره تان ڪامياب اميدوار پرويز خٽڪ جي نوٽيفڪيشن کي اليڪشن ڪميشن طرفان ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙيءَ جي ڪيس جو حتمي فيصلو اچڻ سان مشروط ڪيو ويو آهي. اين اي 131 لاهور تان ڪاميابيءَ جو نوٽيفڪيشن لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ روڪيو ويو آهي. قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 34 تڪن جو نوٽيفيڪيشن  ڪيس عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ هئڻ يا چونڊ ملتوي ٿيڻ سبب جاري نه ٿي سگهيو.   اين اي 60 راولپنڊي ۽ 103 فيصل آباد ۾ چونڊ ملتوي ٿيڻ سبب  نوٽيفيڪيشن جاري نه ٿي سگهيو، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، اين اي 140 قصور جو نوٽيفيڪيشن لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ روڪيو ويو آهي. اين اي 215 سانگهڙ جو نتيجو سنڌ هاءِ ڪورٽ جڏهن ته اين اي 271 ڪيچ جو نتيجو ڪامياب اميدوار زبيده جلال طرفان  چونڊن جي خرچن جو تفصيل جمع نه ڪرائڻ سبب جاري ناهي ڪيو ويو، اهڙي طرح پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 76 سرگوڌا، پي پي 118 ٽوبه ٽيڪ سنگهه، پي پي 123 ٽوبه ٽيڪ سنگهه، پي پي 77 قصور تان ڪامياب اميدوارن جو نتيجو لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ روڪيو ويو آهي جڏهن ته  پي پي 103 فيصل آباد ۽ پي پي 87 ميانوالي ۾ اميدوارن جي وفات سبب چونڊ ملتوي ڪئي وئي هئي. پي پي 296 راجن پور تان ڪامياب اميدوار جي وفات سبب نوٽيفڪيشن روڪيو ويو. سنڌ اسيمبليءَ جي تڪ پي ايس 29 خيرپور، پي ايس 36 نوشهروفيروز، پي ايس 48 ميرپورخاص، پي ايس 54 ٿرپارڪر، پي ايس 82 ڄامشورو جو نتيجو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلن جي روشنيءَ تحت جاري ناهي ڪيو ويو،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *