2018 جي چونڊن ۾ تحريڪ انصاف کي تاريخي فتح، پ پ ٽئين نمبر تي هلي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پولنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ بعد چونڊ نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي آهي، غيرحتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف کي قومي اسمبلي جي 120 جڏهن مسلم ليگ ن کي 61 سيٽن/ تي برتري حاصل آهي.غير حتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجن موجب پيپلز پارٽي کي قومي اسمبلي جي 40، متحدا مجلس عمل کي 8، اڪيو ايم پاڪستان 8 ۽ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس کي 5 سيٽن تي برتري حاصل آهي. اهڙي طرح بي اين پي مينگل 4، مسلم ليگ(ق) 4، عوامي مسلم ليگ ۽ اين اين پي کي هڪ هڪ سيٽ تي برتري حاصل آهي، قومي اسمبلي جي 18 سيٽن تي آزاد اميدوارن کي برتري حاصل آهي. پنجاب اسمبلي جي 46 سيڪڙو سيٽن جي غير حتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجن موجب مسلم ليگ ن 129، تحريڪ انصاف کي 122 ۽ آزاد اميدوارن کي 31 سيٽن تي برتري حاصل آهي. سنڌ اسمبلي جي 35 سيڪڙو غير حتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجن موجب  پاڪستان پيپلز پارٽي 76، تحريڪ انصاف کي 21 ۽ متحدا قومي موومنٽ پاڪستان کي 17 سيٽن تي برتري حاصل آهي. ڪي پي ڪي اسمبلي جي 40 سيڪڙو غيرسرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب تحريڪ انصاف 64 سان اڳتي جڏهن ته متحدا مجلس عمل 11 سيٽن سان ٻئي نمبر ۽ عوامي نيشنل پارٽي 8 سيٽن سان ٽئين نمبر تي آهي. بلوچستان اسمبلي جي 33 سيڪڙو سيٽن جي غيرحمتي ۽ غيرسرڪاري نتيجن موجب بلوچستان عوامي پارٽي 12 سيٽن سان اڳتي بلوچستان نيشنل پارٽي 9 ۽ آزاد اميدوار 8 سيٽن سان اڳتي آهن. قومي اسمبلي جي غيرسرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 108 فيصل آباد 8 جي غيرحتمي، غير سرڪاري نتيجن موجب تحريڪ انصاف جي فرخ حبيب 112740 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب جڏهن پاڪستان مسلم ليگ ن جو چوڌري عابد شير علي 111529 ووٽ حاصل ڪري ٻئي نمبر تي رهيو. اين 38 ڊيرا اسماعيل خان 1 جي غيرحتمي، غيرسرڪاري نتيجن موجب تحريڪ انصاف جي علي امين خان 80236 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب جڏهن ته متحدا مجلس عمل جي مولانا فضل الرحمان 45457 ووٽ حاصل ڪري سگهيو. اين اي 57 روالپنڊي 1 جي غيرحتمي، غير سرڪاري نتيجن موجب تحريڪ انصاف جي صداقت علي عباسي 97104 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب جڏهن ته مسلم ليگ ن جي شاهد خاقان عباسي 91381 ووٽ حاصل ڪيا. اين اين 232 ٺٺي جي غير حتمي، غيرسرڪاري نتيجن موجب پيپلز پارٽي جي شمس النساءَ 152691 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب جڏهن سندس مقابلي ۾ بيٺل پاڪستان تحريڪ انصاف جي ارسلان بخشل بروهي 18900 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي. اين اي 217 سانگهڙ 3 جي تڪ جي غيرسرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پاڪستان پيپلز پارٽي جو روشن الدين جوڻيجو 102361 ووٽ کڻي ڪامياب جڏهن گرينڊ ڊيموڪريٽڪ ڪ الائنس جي مهر علي 43757 ووٽ حاصل ڪري ٻئي نمبر تي آهي. اين اين 129 لاهور 7 تان مسلم ليگ ن جي سردار اياز صادق 103021 ووٽ حاصل ڪري ميدان ماڻيو جڏهن ته تحريڪ انصاف جي عليم عادل شيخ 94879 ووٽن سان ٻئي نمبر آهي. اين 125 لاهور 3 جي غير حتمي، غيرسرڪاري نتيجن موجب مسلم ليگ ن جي وحيد عالم خان 122327 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڊاڪٽر ياسمين راشد 105857 ووٽ حاصل ڪري ٻئي نمبر تي موجود آهي. اين اي 128 لاهور جي 6 جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب مسلم ليگ ن جو شيخ روحيل اصغر 98199 ووٽ کڻي ڪامياب رهيو جڏهن ته تحريڪ انصاف جو اعجاز احمد ڊيال 52774 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. اين اي 225 حيدرآباد 1 جي غير حتمي غيرسرڪاري نتيجن موجب پيپلز پارٽِي جي سيد حسين طارق 81983 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب جڏهن ته تحريڪ انصاف جو خاوند بخش 50968 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 10 شانگلا مان پاڪستان مسلم ليگ ن جي عبادالله خان 33804 ووٽ کڻي ڪامياب رهيو جڏهن ته عوامي نيشنل پارٽي جي صدرالرحمٰن 32780 ووٽ حاصل ڪري سگهيو. اين اي 223 مٽياري جي غيرحتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پپيلز پارٽي جي مخدوم جميل الزمان 85042 ووٽ کڻي ڪامياب رهيو جڏهن ته گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي مخدود فضل حسين 79341 ووٽ حاصل ڪيا.اين اي 84 گوجرانوالا 6 جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پاڪستان مسلم ليگ ن جي اظهر قيوم مرزا 119612 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب رهيو جڏهن ته پي ٽي آءِ اميدوار چوڌري بلال اعجاز 89728 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.اين اي 211 نوشهروفيروز 1 جي غيرحتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجن موجب پپيلز پارٽي جي سيد ابرار علي 92500 ووٽ کڻي ڪامياب جڏهن ته گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي ظفر علي شاهه 59870 ووٽ کڻي ڪامياب رهيو. اين اي 22 مردان 3 جي غيرحتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجن موجب  تحريڪ انصاف جو علي محمد خان 58577 ووٽ کڻي ڪامياب جڏهن ته متحدا مجلس عمل جي مولانا محمد قاسم 56318 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.اين اي 58 روالپنڊي 2 تان پيپلز پارٽي اڳواڻ ۽ اڳوڻو وزير اعظم راجا پرويز اشرف 125090 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چوڌري عظيم 96574 ووٽ حاصل ڪري ٻئي نمبر تي رهيو.قومي اسمبلي جي غيرسرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب اين اي 111 ٽوبا ٽيڪ سنگهه 1 جي غيرسرڪاري، غير حتمي نتيجن موجب مسلم ليگ ن جي خالد جمال وڙائچ 110556 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب جڏهن سندس مقابلي ۾ بيٺل پي ٽي آءِ  جي اساما حمزا 85448 ووٽ حاصل ڪري ٻئي نمبر تي رهيو. قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 236 ڪراچي ملير 1 تان غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پيپلز پارٽي جي اميدوار ڄام عبدالڪريم 66623 ووٽ کڻي ميدان ماري ويو جڏهن ته پي ٽي آءِ اميدوار مسرور علي 26456 ووٽ حاصل ڪري ٻئي نمبر تي رهيو مسلم ليگ ن جي اميداور قادر بخش 9839 ووٽ حاصل ڪيا.قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 216 سانگهڙ 2 تان پيپلز پارٽي جي شازيه مري 82667 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب جڏهن ته گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي ڪشن چند پارواڻي 70135 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. اين اي گجرات 1 تان پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي چوڌري حسين الاهي 60172 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب جڏهن ته مسلم ليگ ن جو نوابزادا غضنفر علي گل 29610 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو. قومي اسمبلي جي تڪ اين 77 نارووال 1 تان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ دانيال عزيز جي گهرواري مهناز عزيز 66434 ووٽ کڻي ڪامياب رهي جڏهن آزاد اميدوار ميان طارق انيس 36351 ووٽ حاصل ڪري ٻئي نمبر تي رهيو. قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 157 ملتان تان پاڪستان تحريڪ انصاف جي زين حسين قريشي 71113 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سيد علي موسيٰ گيلاني 63912 سان ٻئي نمبر تي رهيو. قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 53 اسلام آباد تان پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان 92891 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته اڳوڻو وزير اعظم ۽ مسلم ليگ ن جو اڳواڻ شاهد خاقان عباسي 44314 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو. قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 65 تله گنگ جي غيرسرڪاري، غير حتمي نتيجن موجب مسلم ليگ  (ق) جي چوڌري پرويز  الاهي 89415 ووٽن سان اڳتي آهي جڏهن ته ن ليگ جي فيض ٽمن 60939 ووٽ حاصل ڪري پوئتي آهي. اين اي 30 پشاور تان تحريڪ انصاف جي شير علي ارباب 73781 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب رهيو جڏهن ته متحدا مجلس عمل(ايم ايم اي) جو ارباب نجيب الله خان 18111 سان ٻئي نمبر تي آهي. قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 66 جهلم 1 جي غيرسرڪاري، غير حتمي نتيجن موجب تحريڪ انصاف جي چوڌري فرخ الطاف 112356 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب رهيو، جڏهن ته مسلم ليگ ن جي چوڌري نديم خادم 92912 ووٽ سان ٻئي نمبر تي موجود آهي.قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 63 روالپنڊي تان پي ٽي آءِ جي غلام سرور خان 64301 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته آزاد اميدوار چوڌري نثار 48497 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو. قومي اسمبلي  تڪ اين اي 120 شيخوپورا 2 تان پاڪستان مسلم ليگ ن جي رانا تنوير حسين 99674 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي علي اصغر چوڌري 74165 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 224 ٽنڊو الهيار تان پاڪستان پيپلز پارٽي جي ذوالفقار بچاڻي 80،230 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو جڏهن ته گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي محمد محسن 51،536 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 8 مالاڪنڊ جي سمورين 336 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا اچي چڪا آهن جنهن ۾ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي تحريڪ انصاف جي اميدوار جنيد اڪبر 20 هزار کان وڌيڪ ووٽ تان شڪست ڏني.  بلاول ڀٽو زرداري ان سيٽ تي 26 هزار ووٽ حاصل ڪيا جڏهن سندس مقابلي ۾ جنيد اڪبر 46 372 ووٽ حاصل ڪيا. قومي اسمبلي جي تڪ اين 52 اسلام آباد جي سمورين 245 پولنگ اسٽيشن جي غيرسڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب تحريڪ انصاف جي خرم شهزاد نواز 64 هزار 690 ووٽ ڪري ڪامياب قرار، جڏهن سندس مخالف ن ليگي اميدوار طارق فضل چوڌري 34 هزار 72 ووٽ حاصل ڪيا. اين اي 52 اسلام آباد جي سمورين پولنگ اسٽيشنن جي غير حتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجن موجب تحريڪ انصاف جي خرم نواز 64 هزار 690 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب ۽ سندس مقابلي ۾ بيٺل افضل کوکر 34 هزار 72 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. اين اي 54 اسلام آباد مان ملندڙ 216 پولنگ اسٽيشنن جي غيرسرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي اسد عمر 56 هزار 945 ووٽ حصل ڪري ڪامياب قرار جڏهن ته مسلم ليگ ن جي انجم عقيل خان 32 هزار 991 ووٽ حاصل ڪري سگهيو.  لاهور جي تڪ اين اي 133 جي سمورين 250 پولنگ اسٽيشنن جي غيرسرڪاري ۽ غيرحتمي نتيجن موجب مسلم ليگ ن جي پرويز ملڪ 87 هزار 506 ووٽ کڻي ڪامياب، ۽ سندس مقابلي ۾ بيٺل پاڪستان تحريڪ انصاف جي اعجاز چوڌري 75 هزار 731 ووٽ ٻئي نمبر تي رهيو. قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 124 لاهور تان مسلم ليگ ن جي اميدوار حمزا شهباز هڪ لک 39 هزار 443 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب قرار جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي نعمان قيصر 69 هزار 251 ووٽ حاصل ڪري سگهيو. اين اي 171 بهالپور جي مڪمل 286 پولنگ اسٽيشنن جي غيرسرڪاري ۽ غيرحتمي نتيجن موجب ن ليگ جي رياض پيرزادا 95 هزار 500 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب جڏهن ته سندس مقابلي ۾ بيٺل تحريڪ انصاف جي اميدوار چوڌري نعيم الدين وڙائچ 53 هزار 109 ووٽ حاصل ڪيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *