سپريم ڪورٽ جي ججز خلاف الزام لڳائڻ تي حڪومت اٽارني جنرل آف پاڪستان انور منصور خان استعيفيٰ وٺي ڇڏي

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ جي ججز جي خلاف الزام لڳائڻ تي حڪومت اٽارني جنرل آف پاڪستان انور منصور خان استعيفيٰ وٺي ڇڏي، ذريعن موجب اٽارني جنرل آف پاڪستان انور منصور خان عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، هن استعيفيٰ صدر عارف علوي ڏانهن موڪليندي قبول ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي، انور منصور خان چيو ته مان گذريل ڏينهن رات جي وقت استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو جيڪا استعيفيٰ خميس تي موڪلي آهي، هن ٻڌايو ته پاڪستان بار جي مطالبي تي استعيفيٰ ڏئي رهيو آهيان ۽ ان سان گڏ وڌيڪ ڪم نه ڪندس، وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ جي ججز جي خلاف اٽارني جنرل جي موقف کان لاعملي ۽ لا تعلقي جو اظهار ڪري ڇڏيو، قانون وزارت جي ترجمان لکت ۾ جواب عدالت ۾ جمع ڪرائيندي چيو ته اٽارني جنرل جي موقف سان وفاقي حڪومت جو ڪو به تعلق نه آهي، هن حڪومتي هدايتن کانسواءِ عدليا جي خلاف موقف اختيار ڪيو، وفاقي حڪومت عدليا جو احترام ڪري ٿي، آئين جي بالادستي ۽ عدليا جي آزادي تي يقين رکي ٿي، قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم چيو ته وزيراعظم عمران خان، صدر عارف علوي، منهنجي ۽ احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر پاران سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرايو ويو آهي، اسان عدالتن جو احترام ڪريون ٿا، انور منصور خان بنا اجازت سپريم ڪورٽ ۾ اوچتو جواب ڏنو، شهزاد اڪبر چيو ته اسان انور خان کان استعيفيٰ گهري ته هن ڏئي ڇڏي، حڪومت پاران ريفرنس ۾ دليلن جو سلسلو هلندڙ آهي، ياد رهي ته اٽارني جنرل انور منصور خان سومر تي جسٽس قاضِي فائز عيسيٰ ڪيس ۾ دليل شروع ڪندي ٻڌڻي ڪندڙ سپريم ڪورٽ جي لارجر بينچ ۾ شامل ججن تي الزام مڙهيو ته انهن صدارتي ريفرنس جي خلاف ڪيس جي تياري ۾ جسٽس فائز عيسيٰ جي مدد ڪئي آهي ۽ کيس صلاح مشورا ڏنا آهن، سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل انور منصور خان جي الزامن کي سنگين قرار ڏنو، عدالت ميڊيا کي به ان بيان جي رپورٽنگ کان روڪيندي ڇاپڻ کان روڪي ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *