عدالت جا فيصلا بي معنيٰ آهن ته اُنهن کي معنيٰ خيز بڻائڻ ڄاڻون ٿا: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (م.ڊ) سپريم ڪورٽ طرفان روينيو بورڊ جي فيصلي خلاف اپيل تي ٻڌڻي دوران اَي جي سنڌ ۽ روينيو آفيسرز جي عدم حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار، گذريل ٻڌڻي ۾ پيش نه ٿيڻ تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل مٿان 50 هزار رُپيا ڏنڊ لاڳو، ڏنڊ جي رقم فريادي ڌُر جي وڪيل کي ادا ڪرڻ جو حڪم، ٻڌڻي دوران ايديشنل ايڊووڪيٽ جنرل استدعا ڪئي ته عدالت پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت جا فيصلا بي معنيٰ آهن ته اُنهن کي معنيٰ خيز بڻائڻ ڄاڻون ٿا، اهو ئي رويو جاري رکيو ته ڏنڊ جي رقم توهان جي کيسي مان ڀرڻ جو حڪم ڏنو ويندو، سنڌ روينيو بورڊ جي ڪارڪردگي تي حيران آهيون، عدالت اي جي سنڌ ۽ روينيو بورڊ جي سينيئر آفيسرز کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *