سياسي ۽ عسڪري قيادت جو ڪراچي آپريشن منتقي انجام تائين پهچائڻ تي اتفاق

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڪراچي ۾ ڏوهارين خلاف جاري آپريشن کي هر صورت ۾ منطقي انجام تائين پهچائڻ ۽ دهشتگردن جي سهولتڪارن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي جاري رکڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. پِي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف سان آرمي چيف جنرل راحيل شريف ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وفاقي وزيرن چوڌري نثار، اسحاق ڊار، وزيراعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز ۽ خاص مددگار طارق فاطمي به شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سڪيورٽي صورتحال ۽ ملڪي سلامتي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي پنجاب جي گهرو وزير ڪرنل رٽائرڊ شجاع خانزادي جي شهادت کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو. ذريعن موجب ملاقات دوران ڪراچي ۾ ڏوهارين خلاف جاري آپريشن کي هر صورت ۾ منطقي انجام تائين پهچائڻ ۽ دهشتگردن جي سهولتڪارن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان کانسواءِ ملاقات ۾ طئي ڪيو ويو ته پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز جي ڀارتي هم منصب سان ملاقات ۾ ڀارتي اڳرائي جو معاملو پهرين ترجيح هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *