اليڪشن ڪميشن مريم نواز کي پارٽي جي نائب صدارت تان هٽائڻ واري تحريڪ جي درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد (اين اين آءِ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان مريم نواز جي مسلم ليگ (ن) ۾ پارٽي عهدي جي خلف داخل درخواست رد ڪندي کيس پارٽي ۾ نائب صدر لاءِ اهل قرار ڏيئي ڇڏيو اڱاري تي چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردارمحمد رضا جي سربراهي ۾ ٽن ميمبرن واري بئنچ مريم نواز جي پارٽي عهدي جي خلاف داخل پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبرن جي درخواست تي محفوظ فيصلو ٻڌايو اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته مريم نواز پارٽي جي نائب صدارت لاءِ اهل آهي. جڏهن ته مريم نواز کي پارٽي جو وقتي صدر نٿو بڻائي سگهجي ۽ اهو پاڻ به پارٽي جو ڪوبه فنڪشنل عهدو قبول نه ڪري. واضح رهي ته درخواست ۾ مريم نواز کي مسلم ليگ (ن) ۾ نائب صدر جي عهدي تان هٽائڻ جي اپيل ڪئي ويئي هئي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي مريم اورنگزيب صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته تحريڪ انصاف اي سي پي ۾ سستي شهرت لاءِ درخواست کڻي ويئي هئي هن چيو ته مريم نواز کي عوامي خدمت لاءِ ڪنهن عهدي ۽ سرٽيفڪيٽ جي ضرورت نه آهي آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ مريم نواز جون خدمتون ڪنهن کان ڳجهيون نه آهن مريم اورنگزيب چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ۾ مريم نواز پوئتي رهندي صحت ۽ تعليم لاءِ ڪم ڪيو جڏهن ته موجوده حڪومت اهڙي قسم جون ننڍڙيون حرڪتون ڪري رهي هئي جنهن جو جواب اليڪشن ڪميشن کان ملي ويو. مريم نواز جي وڪيل بئريسٽر ظفرالله صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته الله جو ڪرم آهي جو اليڪشن ڪميشن اسان جون گذارشون قبول ڪيون هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي درخواست رد ڪري ڇڏي انصاف تي فيصلو ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن لاءِ ٿورائتا آهيون جهانگير جدون چيو ته حق ۽ سچ جي فتح آهي جيڪڏهن فيصلو اسان جي خلاف اچي ها ته ان جي ٻين پارٽين تي به اثر پون ها جهانگير جدون چيو ته اسان سمجهون ٿا ته نوازشريف جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جو فيصلو غلط هو ان تي به ڪڏهن پٽيشن فائل ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *