اي آئي سي وي ڊي جي 12 هين چيسٽ پين يونٽ جو افتتاح، اسٽيٽ آف آرٽ پروجيڪٽ کي دنيا ساراهي ٿي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي(پ.ر) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ قانون بابت وزير اعليٰ سنڌ جي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب  مرتضيٰ وهاب ميئر ڪراچي وسيم اختر کان گهر ڪئي اهي ته ڪي ايم سي جي زير انتظام هيٺ هلندڙ ڪراچي انسٽيٽيوٽ آف هارٽ ڊيزز اين آئي سي وي ڊي جي حوالي ڪيو وڃي ته جئين ان کي به دل جي بيمارين جي معياري اسپتال بڻائي سگهجي،  هن چيو  ته اين آئي سي وي ڊي جي چيسٽ پين يونٽ جو قيام سنڌ حڪومت جو فليگ شپ پروجيڪٽ آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن اورنگي ٽائون ۾ چيسٽ پين يونٽ جي قيام جي افتتاحي تقريب ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪيو. هن چيو ته صحت جي شعبي ۾ دل جي مرض جو علاج تمام مهانگو آهي پر سنڌ حڪومت بنا فرق جي پوري پاڪستانين لاءِ اها سهولت مفت فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته اين آئي سي وي ڊي جي معياري علاج معالجي جي سهولت جو دائرو پوري صوبي ۾ پکيڙيو ويو آهي هي صوبي جو ٻارنهون ۽ ڪراچي جو نئون چيسٽ پين يونٽ آهي جتي هارٽ اٽيڪ جي مريضن کي فوري طبي امداد ڏئي اين آئي سي وي ڊي روانو ڪيو ويندو آهي. صوبائي صلاحڪار سان اين آئي سي وي ڊي جي ايگزيڪٽيو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نديم قمر ان چيسٽ پين يونٽ جي فائدن جي باري ۾ ٻڌايو ته جيڪڏهن اورنگي ٽائون ۾ ڪنهن شخص کي هارٽ اٽيڪ ٿئي ته ان کي اسپتال پهچڻ ۾ هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت لڳندو آهي اسان جو چيسٽ پين يونٽ فوري طبي امداد فراهم ڪري مريض جي جان بچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو قانون واري صلاحڪار چيو ته سنڌ حڪومت جي ان اسٽيٽ آف آرٽ پروجيڪٽ کي دنيا ساراهي رهي آهي پر وفاقي حڪومت ان ڪم ۾ رنڊڪون وجھڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جنهن کي ميڊيا اجاگر ڪيو آهي جنهن کان پوءِ وفاقي حڪومت کي ان اسپتال کي وفاق جي حوالي ڪرڻ جي فيصلي کي واپس وٺڻو پيو. هن چيو ته انتظامي اعتبار سان اين آئي سي وي ڊي جي فنڊنگ سنڌ حڪومت ڪندي آهي جڏهن ته وفاق کي ان ۾ هلائڻ ۾ ڪا به دلچسپي ناهي جڏهن ته سنڌ حڪومت بجيٽ ۾ به اسپتالن جي لاءِ بجيٽ ۾ پئسا رکيا آهن. هن چيو ته ڪراچي شهر کي صاف ڪرڻ جي مهم جو سربراهه وزير اعليٰ سنڌ هوندو جيڪو ان صفائي مهم کي سڌو سئنون مانيٽر ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *