ميگا ڪرپشن ڪيسن کي انجام تائين پهچائڻ پهرين ترجيح آهي: نيب چيئرمين

پشاور (ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته ميگا ڪرپشن جي وائيٽ ڪالر ڪيسن کي انجام تائين پهچائڻ پهرين ترجيح آهي. جسٽس (ر) جاويد اقبال نيب خيبر پختونخواهه آفيس جو دورو ڪري ڪارڪردگي جو جائزو ورتو. سندس چوڻ هو ته ميگا ڪرپشن جي وائيٽ ڪالر ڪيسن کي انجام تائين پهچائڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي، نيب گذريل 22 مهينن ۾ قوم جا لُٽيل 71 ارب هٿ ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا، جڏهن ته نيب ڪي پي ان عرصي ۾ 50 ڪروڙ رپيا هٿ ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا. هن چيو ته خيبر پختونخواهه نيب جي ڪارڪردگي کي معتبر قومي ۽ عالمي ادارن ساراهيو آهي، جنهن سان اندازو ٿئي ٿو ته نيب ڪي پي جي ڪارڪردگي سٺي رهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *