حمزه شهباز نيب هٿان عدالتي ڪمري مان گرفتار، ليگي رودن تي نڪري آيا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حمزا شهباز شريف کي نيب گرفتار ڪري ورتو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ حمزا شهباز جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر جهانزيب ڀروانه دليل ڏيندي چيو ته حمزا شهباز شريف جي 38 ڪروڙ 80 لک جا اثاثا سندس آمدني سان هڪجهڙائي نٿا رکن. هن ٻڌايو 2015ع کان 2018ع تائين حمزا شهباز اثاثا ظاهر نه  ڪيا ۽ اوچتو حمزا شهباز 2019ع  ۾ چيو ته سندس اثاثا 5 ڪروڙ مان 20 ڪروڙ جا ٿي ويا آهن. نيب جي وڪيل اهو پڻ چيو ته حمزا شهباز کان پڇو ويو ته پرڏيهه مان جيڪي پئسا ايندا آهن ان جو ذريعو ٻڌايو پر حمزا شهباز نه ٻڌائي سگهيو، عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا حمزا شهباز عدالت ۾ موجود آهي، جنهن تي سندس وڪيل سلمان بٽ چيو ته جي حمزا شهباز عدالت جي ڪمري ۾ موجود آهي. حمزا شهباز جي وڪيل ٻڌايو ته نيب رڳو گرفتاري جا سبب ۽ انڪوائري ۽ جاچ بابت دستاويز ڏئي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته مني لانڊرنگ ڪيس ۾ حمزا شهباز جا گرفتاري وارنٽ  نيب چيئرمين جاري ڪيا آهن جنهن تي سندس وڪيل جواب ڏنو ته نيب چيئرمين سندس اصيل جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان جيڪو به فيصلو ڪنداسين بنهه قانون موجب ڪنداسين، نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته حمزا شهباز ڪيئي بئنڪ اڪائونٽن مان شڪي ٽرانزيڪشنز ڪئي ۽ سندس خلاف درخواست به ملي. هن ٻڌايو ته حمزا کان آف شور ڪمپنين بابت پڇا ڳاڇا ڪئي وئي جنهن دوران هو تسلي بخش جواب نه ڏئي سگهيو هو. حمزا شهباز پنهنجي ضمانت جون درخواستون واپس وٺي ڇڏيون جنهن کان پوءِ نيب اختيارين حمزا شهباز کي عدالت جي ڪمري مان گرفتار ڪيو، کيس نيب آفيس ٺوڪر نياز بيگ منتقل ڪيو ويندو. ٻئي طرف مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڪرپٽ ماڻهو هن وقت وزيراعظم جي ساڄي، کاٻي پاسي ويٺا آهن ۽ جنهن چور کي پروٽيڪشن حاصل ڪرڻو آهي اهو پي ٽي آءِ ۾ هليو وڃي کيس نيب سميت ڪو به نه هٿ نه لائيندو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته نيب حمزا شهباز کي جيترا سوالناما ڏنا اهي ڀريا ويا، هو هر پيشي تي نيب آڏو پيش ٿيو، هڪ ڏنهن جي ٻارڙي جو آپريشن ڇڏي آيو ۽ جاچ ۾ شامل رهيو، جڏهن اهو ڪيس شروع ٿيو ته نيب پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ ٻڌايو ته 87 اربن جي مني لانڊرنگ ٿي آهي، پوءِ اها 33 اربن جي ٿي وئي ۽ اڄ آخرڪار 18 ڪروڙ تي وڃي پهتي آهي. هن چيو ته اهو ڪيس 2005ع کان 2008 تائين جو آهي جڏهن ملڪ ۾ مشرف جي حڪومت هئي ۽ حمزا شهباز ڪنهن به اسيمبلي جو ميمبر نه هو، هو هڪ عام شهري هو،  جن 18 ڪروڙن جي ڳالهه ڪئي وئي اها ملڪ کان ٻاهر ويندڙ نه پر هن ملڪ ۾ اندر اچڻ جو الزام آهي، ڇا مني لانڊرنگ ملڪ ۾ اندر ايندڙ پئسن تي ٿيندي آهي؟ هي اهو پئسو آهي جيڪو حمزا هر سال پنهنجي سمورن ٽئڪس ريٽرن ۾ ڏيکاريو، اها رقم لڪل نه هئي. شاهد خاقان عباسي جو چوڻ آهي ته اها سياست ۽ سياستدانن کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش آهي، اسان احتساب کان نٿا ڊڄون، الزام هڻو پر ثبوت عوام جي اڳيان رکو، جيڪو الزام حمزا شهباز تي مڙهيو ويو آهي اهو پاڪستان جي هر ان شخص تي لڳي ٿو جنهن جو ٻاهران پئسو ايندو آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته خسرو بختيار کان به سوال ڪيا وڃن، عليمه خان ۽ فيصل واوڊا کان پڇو، هٿان اثاثا ٻاهر موڪليا هنن وٽ ڪو به ثبوت ناهي، احتساب سڀني جو ڪريو پر اهو معيار سڀني لاءِ هڪجهڙو هئڻ گهرجي، جيڪو سوالنامو اسان کي ڏنو ويو اهو عمران خان به ڀري عوام اڳيان رکي، عوام کي ٻڌايو ته حمزا ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي. شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هوته اڄ وزيراعظم خوش آهي ته ماڻهو ڪرپشن ۾ گرفتار ٿيا، ڪرپٽ ماڻهن سندس ساڄي ۽ کاٻي پااسي ويٺل آهن، کين به گرفتار ڪريو، جنهن ملڪ جو وزيراعظم ٽئڪس چور هجي، ايمنسٽي اسڪيم مان فائدو کنيو هجي، وري هو صبح جو تقرير ڪري اسان کي چئي ٽئڪس ادا ڪريو، معيشت تباهه ئي انڪري آهي جو ٻٽا معيار آهن، حڪومت اعتماد وڃائي چڪي آهي، ماڻهو سيڙپڪاري لاءِ تيار ناهن، جنهن چور کي پروٽيڪشن حاصل ڪرڻي اهو پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي وڃي، کيس نيب سميت ڪو به نه پڇندو. هن دعويٰ ڪندي چيو ته وزيراعظم طور اسان جو ريڪارڊ حڪومت وٽ آهي، حڪومت نيب کي لکي ته ڪهڙي وزير کاتي ۾ ڪرپشن ڪئي، احسن اقبال هزارين اربن جي ترقياتي منصوبن تي ڪم ڪيو مٿس هڪ رپئي جي ڪرپشن ٽابت نه ٿي سگهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *