الله تعاليٰ پاڪستان کي دهشتگردن جي ناپاڪ وجود کان پاڪ ڪري: طاهر قادري

لاهور (بيورو) تحريڪ منهاج قرآن جي باني محمد طاهر قادري جمعي جي نماز جامع المنهاج ۾ ادا ڪئي، جمعي جي نماز کانپوءِ هن تحريڪ منهاج القرآن جي رفيقن، ۽ سوين نمازن سان ملاقات ڪئي، هن ٻڌايو ته آمريڪي رياست ٽيڪسا جي شهر ڊيلاس مان به نوجوان تفهيم دين لاءِ اعتڪاف جو حصو بڻجڻ آيا آهن، هن نوجوانن جو تعارف ڪرايو ۽ چيو ته رمضان شريف جي آخري عشري ۾ ايمان ۽ يقين جي عنوان تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، اسلاميه پاڪستان هن مبارڪ ڏينهن لاءِ وقت ڪڍي ۽ اعتڪاف جو حصو بڻجي، هن ان موقعي تي مختصر خطاب ڪندي چيو ته هن وقت اسلامي دنيا خاص ڪري پاڪستان دهشتگردي جو شڪار آهي، الله تعاليٰ پاڪستان کي دهشتگردن جي ناپاڪا وجود کان پاڪ ڪري ۽ پڙهيل لکيل نوجوانن کان پنهنجي دين جي سربلندي جو ڪم وٺي، هن چيو ته نبي اڪرم صلم سان محبت سڀني عبادتن جو روح آهي، نماز جمعي جو خطبو علامه ارشاد احمد سعدي ڏنو، دعا فيض رحمان دراني ڪرائي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *