ن ليگ جي ظلمن خلاف محمد بن قاسم ڳولڻ سنڌ آئي آهيان: فردوش عاشق اعواڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فردوش عاشق اعواڻ چيو آهي ته مون پ پ نائب صدر پنجاب جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري منهنجي استعيفيٰ منظور نه ڪئي آهي، پارٽي ڇڏي نه پئي وڃان، پيپلز پارٽي ن ليگ جي ماتحت تنظيم نه آهي، پ پ ۾ صرف سنڌ حڪومت کي بچائڻ جي سياست ڪئي پئي وڃي، ن ليگ جي ظلمن خلاف محمد بن قاسم ڳولڻ سنڌ آئي آهيان، پيپلز پارٽي کي بچائڻو آهي ته هڪ هفتي تائين پارٽي ۾ هفتا صفائي مهم هلائڻي پوندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته پيپلز پارٽي عوامي جماعت آهي جيڪا شهيد ذوالفقار ڀٽو ٺاهي، شهيد بي بي بينطير ڀٽو پارٽي کي عوام ۾ مقبول ڪيو، ڀٽي جو مشن جو جاري رکيو پر هاڻ پ پ جي پاليسين کي ڇا ٿي ويو آهي سمجهه ۾ نه پيو اچي، پيپلز پارٽي حڪومت به ڪري رهي آهي ۽ اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جيڪڏهن اپوزيشن بڻجڻ بدران حڪومت کي ڪولهو ڏينداسين ته سياسي طورتي پنهنجي قبر پاڻ کوٽڻ برابر هوندو، هن چيو ته پنجاب ۾ ن ليگ جا ظلم عروج تي آهن، پيپلز پارٽي جي مخلص قيادت کي نشانو بڻايو پيو وڃي، پارٽي قيادت کي بار بار آگاهه ڪيو ته پنجاب جي حالتن تي ڌيان ڏنو وڃي پر ڪا خاص پاليسي نه جوڙي وئي جنهن لاءِ پ پ کي منظم ڪرڻ لاءِ محنت ڪندڙ ڪارڪنن پنجاب جي حالتن تي خوش نه آهي، ائين لڳي رهيو آهي ته سنڌ حڪومت کي بچائڻ لاءِ سياست ڪئي پئي وڃي، سنڌ حڪومت جي ڪوتاهين جي سزا سڄي پارٽي کي ڇو ڏني پئي وڃي، سنڌ سان تعلق رکندڙ پارٽي اڳواڻ صرف سنڌ حڪومت جي حالتن نه پر پارٽي جي حالتن به توجهه ڏئي، پنجاب ۾ پ پ لاوارث ٿي وئي آهي، منظور وٽو به اڪيلي سر ڪجهه نٿو ڪري سگهي،ڪارڪن مايوس آهن، ن ليگ سان فرينڊلي اپوزيشن بدران کيس ٽف ٽائيم ڏيڻو پوندو، پ پ ن ليگ جي ماتحت تنظيم نه آهي، هن چيو ته مان ڊاڪٽر آهيان، خبر آهي ته بيماري لاءِ ڪهڙي دوا ۽ سرجري جي ضرورت آهي، پ پ کي هيميو پيٿڪ علاج جي نه پر سرجري جي ضرورت آهي، پارٽي ۾ هفتا صفائي مهم هلائي گند کي صاف ڪيو وڃي، هن چيو ته پ پ اڄ به عوام جي پارٽي آهي، بلاول ڀٽو سان ملاقات ڪري کيس تحفظات کان آگاهه ڪيو آهي، هن شڪايتن جي ازالي جي خاطري ڪرائي آهي ۽ چيو آهي ته هو جلد پنجاب جو دورو ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *