حڪومت هاڻي انتقامي ڪارروايون پئي ڪري جيڪو عمل مذمت جوڳو آهي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته شهباز شريف سندس ڀيڻ کي فون ڪري ڌمڪيون ڏنيون آهن، ڪيس پنجاب حڪومت خلاف داخل ڪرايو ويندو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته شهباز شريف طرفان سندس ڀيڻ کي فون ڪرڻ افسوسناڪ عمل آهي. هن چيو ته پنجاب پوليس گلو پوليس بڻجي وئي آهي جيڪا انتقام تي لهي آئي آهي. عمران خان جو چوڻ هو ته حڪومت هاڻ انتقامي ڪارروايون پئي ڪري جيڪو عمل مذمت جوڳو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *