اسلام ڪوٽ: اڳوڻي پريميڪا جي تصوير اپ لوڊ ڪرڻ بعد نوجوان خودڪشي ڪري ڇڏي

اسلام ڪوٽ(رپورٽ: سجاول بجير)نئون ڪوٽ واسي نوجوان اڳوڻي پريميڪا سان ورتل سيلفي ۽ اُن جي مڙس جي تصوير سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪرڻ کانپوءِ خودڪشي ڪري ڇڏي،فوتي نوجوان نئوڪوٽ جو رهواسي هو،ڳوٺ جوڳي مڙهي ۾ برادري جي هڪ گهر ۾  رات ترسڻ بعد صبح جو واپس ويندي  جهنگ جي وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کاڌائين،مٺي پوليس لاش تحويل ۾ وٺڻ بعد پوسٽ مارٽم لاء مٺي کڻائي ويئي، جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو، تفصيل موجب:گذريل ڏينهن نئوڪوٽ جي ڳوٺ سڏيو مورا جي  رهواسي 25 ورهين جي نوجوان سريش ڪمار  ولد ڦلومل ميگهواڙ اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ جوڳي مڙهي ڀرسان جهنگ جي وڻ ۾ رسو ٻڌي مبينا  ڦاهو کائي خودڪشي ڪري پنهنجي زندگي جو ڏيئو اۡجهائي ڇڏيو.نوجوان جو لاش وڻ ۾ ٽنگيل ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڪيو،اطلاع ملڻ بعد  مٺي پوليس پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاء مٺي اسپتال کڻائي ويئي،چيو وڃي ٿو ته ڄاڻايل نوجوان پاڪ فوج  ۾ سپاهي طور سوات ۾  ڊيوٽي ڪندڙ هو ۽ ڪجھ ڏينهن کان  موڪل تي  ڳوٺ آيل هو،گذريل ڏينهن پنهنجي  ڳوٺ سيڏيو مورا کان موٽرسائيڪل تي اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ  جوڳي مڙهي ۾  برادري جي  ماڻهن  وٽ گهمڻ آيو هو،جتي رات ترسڻ بعد صبح جو ڇانھ پي  واپس وڃڻ دوران موٽرسائيڪل کي روڊ جي ڪناري  تي بيهاري  وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي  خودڪشي ڪري پنهنجي زندگي جو انت آندائين.ٻي پاسي اهي به افواھ گردش ڪري رهيا آهن ته فوتي نوجوان شادي شده هو  ۽ ٽن ٻارن جو اولاد به آهي،سندن جا ڄاڻايل ڳوٺ جوڳي مڙهي ۾  هڪ  ناري سان تعلقات هئا،۽  ناري سان ڪنهن ڳالھ تي  ناراض ٿيڻ بعد هۡن  اهڙو انتهائي قدم کنيو آهي،۽ اهي به اطلاع آهن ته نوجوان انتهائي قدم کڻڻ کان اڳ پنهنجي وال تي ناري سان گڏ ڪڍيل سيلفي واري تصوير اپ لوڊ ڪري  پنهنجي والدين کي فون ڪري آگاھ  به ڪيو هو ته آئون خودڪشي ڪري رهيو آهيان ۽ منهنجو موٽرسائيڪل روڊ ڀرسان بيٺو آهي،  اسلام ڪوٽ:جڏهن ته خودڪشي  ڪرڻ کان اڳ فيس بُڪ ۾ پنهنجي آءِ ڊي تي پنهنجي اڳوڻي پريميڪا سان ورتل تصوير ۽ اُن جي مڙس جي تصوير شيئر ڪئي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ناريءَ جي 15 ڏينهن اڳ شادي ٿي هئي، جڏهن ته آپگهات ڪندڙ نوجوان به شادي شده هو ۽ کيس ٽن ٻارن جو اولاد هو.علائقي واسين جو چوڻ آهي ته نوجوان شادي ٿيڻ باوجود اڳوڻي پريميڪا سان شادي جي خواهش ظاهر ڪئي هئي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته آپگهات ڪندڙ نوجوان سوات ۾ ڊيوٽي ڪندو هو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *