الطاف حسين پارٽي کان الڳ ٿيڻ جو اعلان واپس وٺي ڇڏيو، 36 ڪارڪنن جي قتل جو ذميوار وڏي وزير قرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين هڪ ڀيرو ٻيهر متحده کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اڄ متحده قائم طور هو آخري خطاب ڪندو، جنهن کانپوءِ سندس پارٽي سان ڪوبه واسطو نه هوندو.لنڊن مان جاري ڪيل بيان ۾ الطاف حسين چيو ته هن هيٺئين  طبقي جي ماڻهن سان گڏجي جدوجهد ڪئي پر اسٽيبلشمنٽ کيس قبول نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته سندس تعلق ڪنهن جاگيردار گهراڻي سان نه هو.هن چيو ته 4 ڀيرا مارشل لا لڳا پر ملڪ جي قسمت تبديل نه ٿي، مشرف نيڪ نيتي سان ڪم ڪيو، ايم ڪيو ايم سندس حمايت ڪئي.الطاف حسين چيو ته کيس بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، را جو ايجنٽ سڏيو ويو ۽ خريد ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي وئي، نيٺ وطن واپسي جا رستا به بند ڪيا ويا.ايم ڪيو ايم سربراهه چيو ته گورنر عشرت العباد کي جيڪو ڪردار ادا ڪرڻ کپندو هو، هن ادا نه ڪيو.هن چيو ته اڄ قائد طور آخري خطاب ڪندس جنهن کانپوءِ متحده کي الواع چئي ڇڏيندس، ڇاڪاڻ ته هو نه ٿو چاهي ته سندس وڌيڪ ساٿين کي قتل ڪيو وڃي. لنڊن: متحده قومي موومينٽ جي قائد الطاف حسين چيو آهي ته مان سهيل احمد سميت ايم ڪيو ايم جي 36 شهيد ڪارڪنن جو قاتل سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي سمجهان ٿو، هڪ بيان ۾ الطاف حسين 15 ڊسمبر 2014ع تي گرفتار ڪيل سهيل احمد جيڪو يونٽ 64 جو يونٽ انچارج هو ان کي سرڪاري اهلڪارن گرفتار ڪيو هو ان جي گرفتاري جي حوالي سان چيف جسٽس آف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سنڌ جي وڏي وزير سميت سڀني کي اطلاع ڏني وئي ۽ ان جي گرفتاري تي ٽي ڀيرا پريس ڪانفرنس به ڪئي وئي پر گذريل ڏينهن 28 جنوري 2015ع تي ان کي سرڪاري اهلڪارن قتل ڪري ڇڏيو الطاف حسين چيو ته جڏهن سهيل احمد جو لاش موچڪو ڳوٺ ۾ اڇلايو پيئي ويو ان وقت وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه، سنڌ اسيمبلي ۾ رڙيون ڪري وزيراعليٰ هائوس تي چئن شهيدن جا لاش آڻيندڙ سوڳوارن جي آمد کي حملو قرار ڏئي رهيو هو، الطاف حسين چيو ته سهيل احمد شهيد وانگر ٻين شهيد ڪيل ايم ڪيو ايم جي وڌيڪ 35 ڪارڪنن جو قاتل به قائم علي شاهه کي سمجهان ٿو. الطاف حسين جي پارٽي کان لڳ ٿيڻ جي بيان بعد ِ ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن جي جنازي نماز ۽ هڙتال جي باوجود هزارين ڪارڪن نائن زيرو پهچڻ شروع ٿي ويا آهن ٻئي طرف ايم ڪيو جي سينيٽر ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي نائن زيرو پهچڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن الطاف حسين لندن مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته هو سڀاڻي حيدرآباد يونيورسٽي واري تقريب کي آخري خطاب ڪندو ان کانپوءِ هن جو ايم ڪيو ايم سان ڪوبه واسطو نه هوندو، هن پنهنجي بيان ۾ قوم کان معافي پڻ گهري آهي، حساس ادارن جو ذڪر ڪندي چيو آهي ته آءِ ايس آءِ ڪڏهن به قبول ناهي ڪيو الطاف حسين جو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي قتل خلاف ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، ايم ڪيو ايم جي قائد ان کان اڳ پنهنجي بيان ۾ سهيل احمد سميت 36 ڪارڪنن جي قتل جو ذميوار وڏي وزير کي قرار ڏنو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *