وفاقي حڪومت سان اختلافن کانپوءِ پنجاب جي گورنر چوڌري سرور عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

لاهور (بيورو) چوڌري سرور جي استعيفيٰ کانپوءِ  پنجاب ۾ نئين گورنر لاءِ هڪ عورت سميت مختلف نالن تي غور شروع  ڪيو ويو آهي، ذڪيه شاهنواز، راجا ظفر الحق ۽ راڻا ثناءُ الله سميت مختلف نالن تي ويچاريو پيو وڃي. چوڌري سرور جي پنجاب جي گورنر طور استعيفيٰ کانپوءِ حڪومت، نئين گورنر لاءِ مختلف نالن تي مشاورت شروع ڪري ڇڏي آهي.ذريعن موجب، نئين گورنر لاءِ ذڪيه شاهنواز، راجا ظفر الحق، راڻا ثناءُ الله، راجا ظفر الحق، مخدوم احمد محمود ۽ جعفر اقبال جي نالن تي غور ڪيو پيو وڃي.ذريعن موجب، ذڪيه شاهنواز  پنجاب جي گورنر جي عهدي لاءِ مضبوط اميدوار سمجهي پئي وڃي، مقرري جي صورت ۾ ذڪيه شاهنواز پنجاب جي پهرين عورت گورنر هوندي.ذريعن موجب، وزيراعظم نواز شريف جي پارٽي جي سينيئر اڳواڻن سان مشاورت جاري آهي، جلد ڪنهن هڪ نالي تي اتفاق ڪري مقرري ڪئي ويندي.پنجاب جي گورنر جي استيعيفيٰ تي رد عمل ظاهر ڪندي سينيئر قانوندان عاصمه جهانگير چيو ته شڪر آهي ڪنهن سرڪاري عملدار پاڻ استعيفيٰ ڏني، وڌيڪ استعيفائون به اچڻ گهرجن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *