ڪراچي ۾ ڪٿي به لاش ملي ٿو ته ايم ڪيو ايم وارا چون ٿا اهو اسان جو ڪارڪن آهي، لڳايل الزام ڪوڙا آهن: قادر پٽيل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻن ايم ڪيو ايم جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته ناڪاري الزامن واري سياست کي ختم ڪئي وڃي، ٽارگيٽڊ ايڪشن رڳو ڏوهارين خلاف ٿي رهيو آهي، ان کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. پ پ ميڊيا سيل تي پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ جي ڊويزنل صدر قادر پٽيل چيو ته سمجهه نه ٿو اچي ايم ڪيو ايم هر دفعي فوج کي اقتدار ڏيڻ جي ڳالهه ڇو ڪندي آهي.؟ هن چيو ته شهر ۾ جتان به لاش ملندا آهن، ايم ڪيو ايم انهن کي پنهنجو ڪارڪن سڏي احتجاج ڪندي آهي. قادر پٽيل جو چوڻ هو ته کين محسوس ٿئي پيو ته جيڪو ڪجهه ٿئي پيو، جنهن اشاري تي ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ پ پ جا سوين ڪارڪن قتل ٿي چڪا آهن پر هنن ڪنهن تي الزام ناهي هنيو، جڏهن ته شڪيل اوج ۽ پروفيسر صبط حسن جي قاتلن جو تعلق متحده سان نڪتو آهي. قادر پٽيل جو چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم جي سوڳ واري اعلان کانپوءِ 15 منٽن ۾ ڪاروبار بند ٿي ويندو آهي، شهرين کي ان خوف مان نڪرڻ ۾ وقت لڳندو. ان موقعي تي پ پ اوڀر جي صدر سعيد چاولا چيو ته ايم ڪيو ايم پاران مٿس هنيل الزام درست ناهن، هو سهيل احمد کي سڃاڻي ئي نه ٿو، ساڻس ڏند چڪ جي ڳالهه ته پري آهي. هن چيو ته جنهن کليل ڪچهري جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، اها بهادرآباد نه پر طارق روڊ تي ٿي هئي، جنهن ۾ ڊي سي به موجود هو، اتي ڪا بدمزگي نه ٿي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *