الزام رد، مشرف ايترو بهادر آهي ته ڏيهه اچي عدالتن کي منهن ڏئي: آصف زرداري

ڪماليه (ويب ڊيسڪ): پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري جنرل (ر) پرويز مشرف جي گذريل ڏينهن وارن الزامن جي ردعمل ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن مشرف ايترو بهادر آهي ته پاڪستان اچي ۽ عدالتن کي منهن ڏئي، ڪماليه ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آصف زرداري چيو ته جيڪڏهن مشرف جي چيلهه ۾ ايتري تڪليف آهي ته پوءِ ڊسڪو ڪيئن ڪري رهيو آهي، هن چيو ته مرتضيٰ ڀٽو جي قتل وقت به مون تي ۽ بي بي تي الزام لڳايو ويو هيو، ياد رهي ته پرويز مشرف سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڀٽو خاندان جي نالي تي پنهنجو وڊيو پيغام جاري ڪيو هيو، پرويز مشرف پنهنجي پيغام ۾ بينظير ڀٽو ۽ ان جي ڀاءُ مرتضيٰ ڀٽو جي قتل جو ذميدار آصف زرداري کي قرار ڏنو آهي، آصف زرداري چيو ته پاڪستان ڪيترن مسئلن ۾ گهيريل آهي، ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار فرار ٿي ويو ۽ زخمي پاڪستان کي ڇڏي ويو، سندس چوڻ هيو ته اين اي 120 جون ننڍيون چونڊيون ڪو پيراميٽر ناهن، تڪ ۾ حڪمران جماعت هڪ مهيني کان اربين رپيا خرچ ڪيا، جڏهن ته اتي تحريڪ انصاف به ڪا خاص ڪارڪردگي ناهي ڏيکاري، هن چيو ته چئن سالن جي حڪومت دنيا ۾ ڪا لابنگ ناهي ڪئي، انهن عالمي سطح تي پاڪستان جو ڪيس ڪمزور ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *